ڪراچي (رپورٽر) ملڪ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جو قدر گهٽجڻ جو سلسلو جاري آهي. انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 17 پئسا مهانگو ٿي 305 رپين 64 پئسن جو ٿي ويو، پهرين سيپٽمبر تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 305 رپين 47 پئسن تي بند ٿيو هو. هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو اگهه 328 رپين تي برقرار رهيو. ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ سوين رپيا گهٽتائي ٿي آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 700 رپيا گهٽتائي کانپوءِ في تولي سون جي قيمت 2 لک 39 هزار 100 رپيا ٿي وئي آهي. اهڙي ريت 10 گرام سون 600 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 4 هزار 990 رپين جو ٿي ويو آهي. هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 5 ڊالر گهٽجڻ سان 1940 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.