ڪراچي(رپورٽر) گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري پراونشل موٽر وهيڪل (ترميمي) بل 2023ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. بل ۾ پروانشل موٽر وهيڪل ايڪٽ 1965ع ۾ ترميم بابت قانون سازي ڪئي وئي آهي. ترميم موجب بي آر ٽي بسن ۾ معذور/خصوصي ماڻهن لاءِ سيٽ مقرر ۽ نشاندهي نه ڪرڻ تي 500 رپيا ڏنڊ ٿيندو، بي آر ٽي بسن ۾ سفر دوران 5 سال تائين جا ٻار ڀاڙن کان آجا هوندا. بي آر ٽي بسن ۾ داخل ٿيڻ ۽ ٻاهر نڪرڻ لاءِ مقرر ڪيل دروازن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ڪرڻ تي هڪ هزار رپيا ڏنڊ ڏيڻو پوندو. سفر دوران ڪوريڊور يا بس اسٽاپ تي سگريٽ پيئڻ، پان يا نسوار کائڻ ۽ ٿڪڻ تي پابندي هوندي ڀڃڪڙي تي هڪ هزار رپيا ڏنڊ ڏيڻو پوندو.
آسٽريلوي سامونڊي علائقي ۾23 اهلڪارن سان ڀريل آمريڪي فوجي جهاز ڪري تباهه
ڪينبرا(م ڊ) آسٽريليا جي اترين سامونڊي علائقي ۾ آمريڪي فوجي جهاز ڪري تباهه ٿي ويو آهي. آسٽريلين خابرو اداري موجب آسٽريليا جي بچاءَ واري اداري جي ترجمان ميڊيا کي ٻڌايو ته ڊارون کان اٽڪل 60 ڪلو ميٽر اتر طرف ميلويل ٻيٽ ۾ هڪ آمريڪي بوئنگ – وي 22 جهاز مقامي وقت موجب 9 لڳي 33 منٽن تي تربيتي اڏام دوران ڪري تباهه ٿي ويو. هن ٻڌايو ته حادثي وقت جهاز ۾ 23 آمريڪي اهلڪار سوار هئا، انهن اهلڪارن ۾ آسٽريلوي ڊفينس فورس جو ڪو اهلڪار نه هو. حادثي واري هنڌ امدادي ڪارروايون جاري آهن ۽ ان نازڪ ابتدائي مرحلي تي اسان جو ڌيان واقعي جي ردعمل ۽ متاثر ماڻهن جي حفاظت کي يقيني بنائڻ تي آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ايئر ميڊيڪل سروس ڪيئر فلائيٽ ٽن زخمي مسافرن کي رائل ڊارون اسپتال منتقل ڪيو آهي جن مان هڪ زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي
نگران وزيراعظم سان بلوچستان جي قبائلي اڳواڻن سان ملاقات
ڪوئيٽا(م ڊ) نگران وزيراعظم انور الحق ڪاڪڙ سان بلوچستان جي قبائلي اڳواڻن ملاقات ڪئي آهي، گذريل ڏينهن ميڊيا آفيس جي جاري ڪيل بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم کي قبائلي اڳواڻن جي وفد وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪ ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، نگران وزيراعظم سمورن اڳواڻن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ انهن جا مسئلا ٻڌا، نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت بلوچستان جي نوجوانن کي ترقي جا برابر موقعا فراهم ڪري رهي آهي، نگران حڪومت ملڪي معيشت جي ترقي لاءِ بلوچستان جي ڪردار کي وڌائڻ لاءِ بنيادي ڍانچي، بجلي ، پاڻي ۽ ٻيا سمورا وسيلا فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي، ان موقعي تي بلوچستان جو نگران گورنر عبدالولي ۽ نگران وڏو وزير علي مردان ڊومڪي پڻ موجود هئا.