بجلي بلن تي ڪيترن قسمن جا ٽيڪس آهن؟ پاور ڊويزن اختيارين وضاحت ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاور ڊويزن اختيارين بجلي بلن ۾ لڳندڙ ٽيڪسن جا تفصيل اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ٻڌائي ڇڏيا.
سينيٽر سيف الله ابڙو جي صدارت هيٺ سينيٽ جي توانائي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاور ڊويزن اختياريون به شريڪ ٿيون.
ڪميٽي چيئرمين سيف الله ابڙو پڇيو ته بجلي اگهن ۾ واڌ جا ڪارڻ ٻڌايو؟ پاور فنانس جي جوائنٽ سيڪريٽري محفوظ ڀٽي ٻڌايو ته گذريل مالي سال ڪيپيسٽي پيمينٽ 1300 ارب رپيا رهي، جڏهن ته هلندڙ مالي سال پاور سيڪٽر جي ڪيپسٽي پيمينٽ ۾ 2000 ارب رپين جو ڪاٿو آهي.
سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي ٻڌايو ته ڪيپيسٽي پيمينٽ ۾ واڌ ته ڊالر ۽ رپئي جي مٽاسٽا جي شرح سبب آهي.
سيف الله ابڙو پڇيو ته جيڪڏهن آءِ پي پيز سان معاهدو ڊالر ۾ نه ٿئي ها ته بجلي مهانگي نه ٿئي ها، جڏهن ته سينيٽر بهره مند تنگي پڇاڻو ڪيو ته جڏهن ڊالر گهٽيو ته ڇا بجلي سستي ٿي؟
سينيٽر سيف الله نيازي چيو ته مختلف آءِ پي پيز جا معاهدا ختم ٿيڻ جا مختلف وقت آهن، جنهن تي پاور ڊويزن اختيارين ٻڌايو ته 1994 جا آءِ پي پيز معاهدا 2027 ۾ ختم ٿيندا.
سيف الله نيازي پڇيو ته آءِ پي پيز معاهدن مان ڪڏهن جان ڇٽندي؟ جڏهن ته سينيٽر بهره مند تنگي چيو ماڻهو بل ساڙي رهيا آهن، ذميوار ڪير آهي؟ صورتحال خراب آهي ۽ سول نافرماني ڏانهن پئي وڃي، ملڪ ڪمزور ٿي رهيو آهي، ان جو ذميوار ڪير آهي؟
سينيٽر فدا محمد پڇيو ته بجلي بل تي ڪيترا ٽيڪس آهن؟ جنهن تي اختيارين ٻڌايو ته مختلف قسمن جا 7 ٽيڪس آهن، جن ۾ جي ايس ٽي، انڪم ٽيڪس ۽ ود هولڊنگ سميت ٻيا ٽيڪس شامل آهن.
ڪميٽي چيئرمين چيو پاور ڊويزن اختياريون اسان کي جواب نه ٿيون ڏئي سگهن، ڪالهه وزيراعظم کي ڇا ٻڌايو هوندو؟ آءِ پي پيز جي منافعي کي گهٽ ڪيو، بجلي سستي ٿي ويندي، آءِ پي پيز کي ڪيپيسٽي پيمينٽس بند ڪيو، آءِ پي پيز کي ڪو جن نه سمجهو، بجلي جا اگهه گهٽ ڪيو، اهو اسان جي ٻارن جي مستقبل جو مسئلو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.