مانسهرا (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ پارليامينٽيرين جي چيئرمين پرويز خٽڪ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان کي فرعون قرار ڏئي ڇڏيو.
مانسهرا ۾ جلسي سان خطاب ڪندي اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ چيو ته اسان جي مرڪز ۽ صوبي ۾ حڪومت رهي پر افسوس اسان نئون پاڪستان نه ٺاهي سگهياسين، تحريڪ انصاف ساڍا 3 سال ملڪ لاءِ ڪجهه نه ڪيو.
هن چيو ته تحريڪ انصاف چيئرمين ملڪ جو تاحيات حڪمران ۽ بادشاهه بڻجڻ چاهيو، سندس ڪم ڪرڻ جي نيت ئي نه هئي، هو فرعون هو، چوندو هو جنهن جي دل ڪري هليو وڃي مون کي ڪا ڳڻتي ناهي.
سندس چوڻ هو ته خيبر پختونخواهه ۾ حڪومت رڳو منهنجي ذاتي ڪوششن سان ٺهي، ڪي پي حڪومت ۾ تحريڪ انصاف جو ڪو ڪريڊٽ نه هو، پي ٽي آءِ چيئرمين مون لاءِ ڪيترائي واعدا ڪيا پر ڦري ويو.
You might also like