ڪراچي(رپورٽر) پ پ اليڪشن ڪميشن کان 90 ڏينهن ۾ عام چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن تڪبنديون ڊسمبر تائين مڪمل ڪرڻ واري فيصلي تي نظرثاني ڪري تڪبندين ۾ تبديلي بدران ووٽر لسٽن ۾ ڏنل آبادي جي بنياد تي ووٽرن جو تعداد وڌائي. اهڙو مطالبو پ پ سنڌ جي صدر سينيٽر نثار کهڙو پي ڊي پي اڳواڻ بشارت مرزا جي گهر تي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، ان موقعي تي پاڪستان ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اڳواڻ بشارت مرزا پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو، نثار کهڙو پريس وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن پاران ڊسمبر تائين تڪبنديون ڪرائڻ بعد فيبروري ۾ چونڊون ڪرائڻ جون ڳالهيون آئين جي خلاف آهن، جڏهن ته آئين موجب 90 ڏينهن ۾ اليڪشن ڪرائڻي آهي، اليڪشن ايڪٽ آئين کان مٿانهون نه آهي، ان ڪري چونڊن ۾ دير ڪري آئين خلاف ڪم نه ڪيو وڃي، هن چيو ته وقت تي چونڊون نه ڪرايون ويون ته پ پ جمهوري طريقي سان جدوجهد تيز ڪندي ۽ آئين تي عملدرآمد ڪرائيندي، ڇاڪاڻ ته ملڪ چونڊن ۾ دير برداشت نه ٿو ڪري سگهي، چونڊن ۾ دير شفاف پر امن اقتدار جي منتقلي لاءِ سواليه نشان بڻجي ويندي، هن چيو ته اسيمبليون رڳو نگران حڪومت لاءِ نه پر وقت تي چونڊون ڪرائڻ لاءِ هڪ ٻه ڏينهن پهرين ٽوڙيون ويون، آدمشماري جي سي سي آءِ مان منظوري خلاف سپريم ڪورٽ ۾ بار طرفان درخواست داخل ڪيل آهي، هن چيو ته تڪبندين سان سيٽون نه پيون وڌن ته پوءِ چونڊن ۾ دير جو ڪو به جواز نه آهي، عمران خان کي سياسي نظام ۽ ادارن کي برباد ڪرڻ لاءِ آندو ويو هو، جڏهن ته چونڊيل جمهوري حڪومتون ئي ملڪ کي اڳتي ترقي ڏياري سگهن ٿيون، جمهوري نظام جو تسلسل ئي ملڪ کي مضبوط ڪندو، ان کان اڳ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اڳواڻ بشارت مرزا، ارتضيٰ بيگ، خالد پرويز ۽ ٻين پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو، بشارت مرزا پ پ سان گڏ جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪئي آهي، بلاول ڀٽو زرداري ملڪي معاملن کي بهتر طريقي سان اڳتي وڌائي رهيو آهي.