ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ واڌ،32 شيون مهانگيون

اسلام آباد(م ڊ)ملڪ ۾ سالياني مهانگائي جي شرح ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو، جنهن کانپوءِ اها شرح 27.57 سيڪڙو ٿي وئي.شماريات جي  قومي اداري جي سروي جي نتيجن موجب پاڪستان ۾ 32 شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي ، جڏهن ته گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ ضروري شين جي قيمتن ۾ 0.78 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، 7 شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 12 شين جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو.رپورٽ موجب جن شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي، انهن ۾ ڳاڙهو مرچ پائوڊر 7.58 سيڪڙو، چانور 7.48 سيڪڙو، ٿوم 5.06 سيڪڙو، کنڊ 4.02 سيڪڙو، ڳڙ 3.23 سيڪڙو، ٽوٽا چانور 3.06 سيڪڙو، ڪڪڙ 2.83 سيڪڙو ڪيلا 2.72 سيڪڙو ، ڊيزل 7.29 سيڪڙو ۽ پيٽرول 6.40 سيڪڙو وڌي ويو.ان کان علاوه ٽماٽي جي قيمت ۾ 13.60 سيڪڙو، کاڄرو تيل ۾ 1.65 سيڪڙو، گيهه 0.85 سيڪڙو، سرنهن جي تيل ۾ 0.23 سيڪڙو ۽ اٽي جي قيمت ۾ 0.19 سيڪڙو گهٽتائي ٿي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.