راڻي پور (رپورٽر) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي مرڪزي قيادت سان راڻي پور پهچي پريس ڪلب جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري سينيئر صحافي شڪيل احمد شيخ ۽ سندس ڀاءُ راجا غضنفر علي شيخ سان والد جي وفات تي تعزيت ڪئي، ان موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ڏکي صورتحال مان گذري رھي آھي سنڌين کي سمورا ويڇا ختم ڪري سنڌ جي مسئلي تي متحد ۽ منظم ٿيڻو پوندو ۽ سنڌ خاطر مضبوط جدوجهد ڪري سنڌ بچائڻي پوندي، ھن وڌيڪ چيو ته سکر ۾ ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين جي رپورٽر جان محمد مهر جي ٿيل قتل جي جيتري مذمت ڪجي سا گهٽ آھي صحافين کي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو پيو وڃي صحافين کي مڪمل تحفظ فراھم ڪيو وڃي ۽ شهيد صحافي جان محمد مهر قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي. ھن وڌيڪ چيو ته راڻي پور واقعي جيءَ کي جهوري وڌو آھي معصوم فاطمه ڦرڙو سان انصاف ڪيو وڃي انتظاميه فاطمه ڪيس کي ميرٽ جي بنياد تي حل ڪري سنڌ واسين مان بي چيني ختم ڪئي وڃي. سنڌ جون زمينون ڀڳڙن جي مٺ تي ڌارين حوالي ڪيون پيون وڃنامير سنڌ جو ماڻهو بک ۽ بدحاليءَ ۾ وڪوڙجي ويو آھي ڊرٻ ميهر شاھ ۾ ڌارين کي زمين ڏيڻ خلاف 22 آگسٽ تي خيرپور ميرس ۾ ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو ھڻي رھيا آھيون سنڌ جي غيرتمند پٽن ۽ باشعور فردن کي دعوت ڏئي رھيا آھيون ڌرڻي ۾ ڀرپور شرڪت ڪن. ان موقعي تي جسقم سينيئر وائيس چيئرمين امجد خان مهيسر، مومن سمون، ياور مهيسر، بشير مهيسر، فاروق دايو، اياز ڪورائي، اصغر ڪورائي، منصور مهيسر ۽ جسقم ۽ جساف جا ڪارڪن گڏ ھئا.