ڊيرا مراد جمالي(م ڊ) ڊيرا مراد جمالي جي علائقي ڍاڊر ۾ 2 نوجوان ڇوڪرين کي هٿياربندن قتل ڪري ڇڏيو. پوليس مطابق ضلعي ڪڇي جي هڪ ڳوٺ فيض بخش ۾ 2 نوجوان ڇوڪرين کي قتل ڪيو ويو جن جا لاش سول اسپتال ڍاڊر پهچايا ويا. اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ ڊاڪٽر سيف الله مطابق 2 ڇوڪرين آمنه ۽ سڪينه کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي. قتل جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته ڍاڊر پوليس وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
انيق احمد جي سعودي سفير سان ملاقات
اسلام آباد(م ڊ) مذهبي معاملن واري نگران وفاقي وزير انيق احمد سان سعودي سفير نواف سعيد المالڪي ملاقات ڪئي آهي. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان مطابق ملاقات ۾ سعودي ڊپٽي منسٽر ڊاڪٽر حسن مناخره، مذهبي معاملن وارو سيڪريٽري، ڊي جي حج به شريڪ هئا. حج واري وزير ڊاڪٽر توفيق الربيعه جي سربراهي ۾ سعودي وفد جي پاڪستان جي دوري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. انيق احمد چيو ته سعودي وفد جو پاڪستان جو دورو تاريخي اهميت رکي ٿو.
جيل پهچڻ بعد منظور ڪاڪا جي طبيعت خراب، عدالت ۾ رپورٽ پيش
ڪراچي (رپورٽر)صوبائي اينٽي ڪرپشن عدالت ۾ نسله ٽاور ڪيس ۾ جيل اختيارين اڳوڻي ڊي جي ايس بي سي اي منظور قادر ڪاڪا سميت ٻن جوابدارن کي پيش ڪيو،جڏهن ته جيل عملدارن جوابدار منظور ڪاڪا جي بيماري ۽ اسپتال منتقلي جي رپورٽ پيش ڪئي .سينٽرل جيل جو ڊاڪٽر به پيش ٿيو .هن عدالت کي ٻڌايو منظور قادرڪاڪا جي طبيعت اچانڪ خراب ٿي وڃڻ سبب کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو، عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 12 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي .
سنڌ پوليس ۾ نئون بحران
ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ پوليس ۾ نئون بحران پيدا ٿيڻ لڳو ، وفاقي حڪومت پاران رفعت مختار کي سنڌ ۾ بطور آءِ جي نوٽيفيڪيشن جاري ٿيڻ واري معاملو، ذريعن مطابق سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ ڇھ سينيئر ايڊيشنل آءِ جيز کي ان جي جونيئر راجا رفعت مختار جي ماتحت ڪمـ ڪرڻو پوندو. سينيئر ايڊيشنل آءِ جيز جي پاران تحفظات جو اظھار ڪيو ويو آهي،انهن ۾ جاويد عالم اوڍو ، عمران يعقوب منھاس، قادر قيوم ، منير شيخ، فرحت جوڻيجو شامل آهن
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايڊز جو شڪار کدڙن جي علاج بابت رپورٽ پيش
ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ ۾ ايڇ آءِ وي ايڊزجا شڪار کدڙن فقيرن جو سول اسپتال ۾ علاج نه ڪرڻ واري ڪيس ۾ خواجا سرا ايڪٽيويٽس پاران داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي .عدالت ۾ سول اسپتال جي انتظاميا پاران جواب جمع ڪرايو ويو .عدالتي اختيارين موجب کدڙن فقيرن جو علاج شروع ڪيو ويو آهي . درخواستگذارن جو چوڻ هو ته 3کدڙن فقيرن مونيڪا،نڪويري۽ مائي جان کي ايڇ آءِ وي ايڊزٿيو آهي هنن کي علاج جي ضرورت آهي .
نگران وزيراعظم سان سنڌ جي چيف سيڪريٽري جي ملاقات
اسلام آباد(م ڊ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سان سنڌ جي چيف سيڪريٽري فخر عالم عرفان ملاقات ڪئي. ڇنڇر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ نگران وزيراعظم ڊاڪٽر فخر عالم عرفان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو پنهنجون ذميواريون بهترين طريقي سان سرانجام ڏيندو
جولاءِ ۾ هڪ ارب ڊالر کان وڌيڪ ٽيڪسٽائل مصنوعات جو روانگي واپار
اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس(پي بي ايس) پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته هلندڙ مالي سال (24-2023 ع) جي پهرين مهيني جولاءِ دوران ٽيڪسٽائل جو روانگي واپار 1311.659 ملين ڊالر رهيوجيڪو گذريل سال 23-2022ع جي ساڳي مهيني جولاءِ دوران 1،481.173 ملين ڊالر هو ۽ ان ۾ 11.44 سيڪڙو جي گهٽتائي واقع ٿي جڏهن ته سوٽي ڌاڳي( ڪاٽن يا رن) جي روانگي واپار ۾ 35.96 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي.
ڀارت ڪشمير کي انساني حقن جي تنظيمن لاءِ ممنوعه علائقو بڻائي ڇڏيو
سرينگر (م ڊ) اڄ سڄي دنيا ۾ انساني همدردي جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي هتي ڀارت والاريل ڄمون ڪشمير کي انساني همدردي جي عالمي تنظيمن لاءِ هڪ ممنوعه علائقو بڻائي ڇڏيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ڀارتي حڪومت پنهنجي رياستي دهشتگردي کي دنيا کان لڪائڻ لاءِ ڪڏهن به انساني همدردي جي عالمي ڪارڪنن ۽ تنظيمن کي والاريل ڄمون ڪشمير ۾ آزادي سان ڪم ڪرڻ جي اجازت نه ڏني. جڏهن ته ان علائقي جي سڀ کان وڏي فلاحي تنظيم جماعت اسلامي تي به پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.