سامونڊي پٽي جي ترقي تفريح سان گڏوگڏ روزگار جو سبب پڻ بڻجي سگهي ٿي: ڪامران ٽيسوري

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته سامونڊي پٽي جي ڊولپمينٽ تفريح سان گڏوگڏ روزگار جا موقعا پڻ  پيدا ڪري سگهي ٿي. گورنر هائوس مان جاري بيان موجب اها ڳالهه هن پارڪ ويو بيچ ريزورٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي، ويزن گروپ جو چيئرمين عبدالعليم خان سميت ناليواريون شخصيتون موجود هيون، سنڌ جي گورنر چيو ته پنهنجي نوعيت جو هي پهريون منصوبو پارڪ ويو بيچ ريزورٽ فخر جوڳو پراجيڪٽ آهي، هن منصوبي جي شروعات تي عبدالعليم خان مبارڪن جو حقدار آهي، هن چيو ته سڄي دنيا ۾ سامونڊي پٽين کي تفريح مقصد ۽ عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو، اسان جي سامونڊي پٽي هزار ڪلوميٽرن جي لڳ ڀڳ آهي جنهن کي ڊولپ ڪرڻ جي ضرورت آهي پارڪ ويو بيچ ريزورٽ سيڙپڪارن کي شاندار موقعا فراهم ڪندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.