سياسي مخالفت دشمني ۾ تبديل ٿي وئي:مرتضيٰ سولنگي

اسلام آباد(م ڊ) نگران سڌ سماءَ واري وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته چونڊن بابت اليڪشن ڪميشن ئي بهتر ٻڌائي سگهي ٿي. دشمني  ۾ تبديل ٿيل سياسي مخالفت جو ماحول ختم ٿيڻ گهرجي.ميڊيا هائوسز جي دوري دوران مرتضيٰ سولنگي چيو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي آئيني ذميواري پوري ڪري، ڀرپور سهڪار ڪنداسين، ملڪ جي اهم مسئلن تي قومي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ وڏو چئلينج آهي، سياسي مخالفت  دشمني ۾ تبديل ٿي وئي آهي،ان ماحول کي ختم ڪرڻ گهرجي.اطلاعات واري وزارت ميڊيا سان گڏجي عوام کي اصل صورتحال کان آگاهه ڪندي، چونڊون ڪرائڻ بابت اليڪشن ڪميشن ئي بهتر ٻڌائي سگهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.