جڊيشل مقررين ۾ پسند ناپسند هلي ٿي: پرويزاشرف

اسلام آباد(م ڊ) قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر راجا پرويز اشرف عدالتي مقررين جي طريقيڪار ۾ ترميم جو مطالبو ڪندي چيو آهي  ته موجوده نظام جانبدار آهي.هن 2011ع ۾ 19هين ترميم جي پاس ٿيڻ کي پارليامينٽ سان ناانصافي قرار ڏيندي وڌيڪ چيو ته ترميم پاس ڪرائڻ لاءِ اسان تي تمام گهڻو دٻاءُ هو ۽ ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن 19هين ترميم منظور نه ڪئي وئي ته حڪومت جون اڳيون سموريون ترميمون ختم ٿي وينديون. ۽ نظام ختم ڪيو ويندو، هن  چيو ته مان سمجهان ٿو ته اهو پارليامينٽ جو حق آهي ۽ حق حاصل ڪرڻ گهرجي، اسان کي ان ۾ ترميم ڪرڻ گهرجي، اسان جي پارلياماني ڪميٽي کي وڌيڪ طاقتور بڻائڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.