نين تڪبندين لاءِ ڊي لميٽيشن ڪميٽيون جوڙڻ جي شروعات

اسلام آباد(م ڊ) اليڪشن ڪميشن طرفان سڄي ملڪ ۾ نئين تڪ بندين لاءِ ڊي لميٽيشن ڪميٽيون جوڙڻ جي ڪم جي شروعات  +سڀاڻي(سومر) کان ٿيندي. اليڪشن ڪميشن ڊيجيٽيل آدم شماري 2023ع جي انگ اکر جي منظوري بعد سڄي ملڪ ۾ نئين تڪ بنديون ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو. ان مقصد لاءِ ملڪ جي سمورن انتظامي يونٽس جي حدن کي منجمند ڪري ڇڏيو آهي. نئين تڪ بندين لاءِ انتظامي انتظام 22 کان 31 آگسٽ تائين مڪمل ڪيا ويندا. ڊي لميٽيشن ڪميٽين جي ٽريننگ پهرين کان 4 سيٽپمبر تائين ٿيندي. ان ڪميٽين سان گڏ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي تڪن جي ضلعي ڪوٽا جا تفصيل 5 کان 7 سيٽپمبر تائين مهيا ڪيون وينديون. تڪ بندين جي حتمي ڇپائي 14 ڊسمبر کي ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.