شهريارآفريدي جي گرفتاري: ڊي سي ۽ ايس ايس پي اسلام آباد تي فردجرم جو فيصلو

اسلام آباد(م ڊ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ۾ عدالتي حڪم باوجود پي ٽي آءِ اڳواڻ شهريار آفريدي جي گرفتاري تي ڊي  سي اسلام آباد ۽ ايس ايس پي آپريشنز خلاف 28 آگسٽ تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار عدالتي حڪم باوجود شهريار آفريدي کي ايم پي او ۾ گرفتار ڪرڻ تي ڊي سي اسلام آباد عرفان ميمڻ ۽ ايس ايس پي آپريشن جميل ظفر خلاف توهين عدالت ڪيس جو حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي.عدالت لکت واري حڪم ۾ چيو آهي ته ڊي سي اسلام آباد عدالت جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ۽ اهو تاثر ڏئي انصاف جي نظام کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته هاءِ ڪورٽ جو حڪم ايگزيڪيوٽو تي پابند ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.