دادو(رپورٽ: غوث جھتيال)ام رباب چانڊيو جي ٽن گھر ڀاتين ڏاڏي ڪرم الله چانڊيو، والد مختيار چانڊيو، چاچي قابل چانڊيو جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي گذري ام رباب چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڳوڻو ايم پي اي سردار احمد چانڊيو ملڪ مان فرار ٿي ويو آھي، خدشو آھي ته برھان خان چانڊيو به پرڏيھ فرار ٿي ويندو، اليڪشن ڪميشن کي اپيل ٿي ڪريان ته سردار احمد چانڊيو ۽ برھان خان چانڊيو جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا وڃن، ھي ڪيس اھم نوعيت جو آھي جنھن جو 2 ڀيرا سپريم ڪورٽ سوموٽو ورتو آھي ان باوجود به ڪيس نه ٿو ھلايو وڃي،