سعودي ولي عهد جي ايران جي پرڏيهي وزير سان ملاقات

جده(م ڊ) سعودي عرب جي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان سان ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ملاقات ڪئي آهي، ميڊيا رپورٽن موجب جده ۾ اها ملاقات  ايران جي پرڏيهي وزير جي سعودي عرب جي دوري دوران ٿي ، دورو مارچ ۾ ٿيل معاهدي کان پوءِ  ايران جي پرڏيهي جو ملڪ جو پهريون سرڪاري دورو آهي، ملاقات ۾ ٻنهي عملدارن ٻه طرفا لڳاپن ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مستقل شراڪت داري جا موقعا ڳولهڻ جو پڻ جائزو ورتو، ملاقات دوران تازا عالمي معاملا پڻ غور هيٺ آيا،

افغانستان ۾ فائرنگ، مسجد جو امام قتل

ڪابل (م ڊ) افغانستان ۾ ڪاپيسا صوبي جي پوليس ترجمان ميڊيا کي ٻڌايو ته هيسا ضلعي ڪوهستان جي علائقي  ۾ اڻ ڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري مسجد جي امام قاري غلام فاروق کي قتل ڪري ڇڏيو. هن ٻڌايو ته مقامي پوليس واقعي جي جاچ ڪري رهي آهي.

 

خيبر پختونخواه جي نگران صوبائي ڪابينا  حلف کڻي ورتو

پشاور(م ڊ) خيبر پختونخواه جي نگران صوبائي ڪابينا  جي 9 ميمبرن صوبائي وزير طور حلف کڻي ورتو. حلف برداري جي تقريب  گورنر هائوس پشاور ۾ ٿي جنهن ۾ گورنر ڪي پي حاجي غلام علي نگران صوبائي وزيرن کان سندن عهدن جو قسم کڻايو. نگران وڏو وزير محمد اعظم خان به  حلف برداري واري تقريب ۾ شريڪ هو. نگران صوبائي وزير طور حلف کڻندڙن ۾ سيد مسعود شاه، جسٽس (ر) ارشاد قيصر، بيرسٽر فيروز جمال شاهه، احمد رسول بنگش، آصف رفيق، ڊاڪٽر نجيب الله، ڊاڪٽر محمد قاسم جان، جسٽس (ر) ارشد حسين شاهه ۽ سيد عامر عبدالله شامل آهن.

ليفٽينينٽ جنرل رٽائرڊ عبدالقيوم جو جناح هائوس جو دورو

لاهور(م ڊ) پاڪستان ايڪس سروس مين سوسائٽي جي صدر ليفٽينينٽ جنرل (ر) عبدالقيوم ڇنڇر ڏينهن لاهور ۾ جناح  هائوس جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪا تباهي جناح هائوس ۾ ڏٺي اها سوچ کان به ٻاهر آهي ۽ جيڪي ماڻهو هتي اچي سگهن ٿا اهي اچي ڏسن، اهو مڇريل ميڙ جو ڪم نه پر سوچيل سمجهيل سازش آهي. هن چيو ته جيڪو جڙانواله ۾ ٿيو اها به شر پسندي آهي، ان واقعي ۾ به ٻاهريون هٿ ملوث ٿي سگهي ٿو.

توانائي ۽ بجلي شعبن ۾ سڌارا يقيني بڻائينداسين: نگران وزيراعظم

اسلام آباد(م ڊ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سان توانائي، بجلي ۽ پيٽروليم واري نگران وزير محمد علي ملاقات ڪئي.  ڇنڇر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ڪيل بيان مطابق ملاقات ۾ نگران وزيراعظم نئين ذميواريون سنڀالڻ تي نگران وزير کي مبارڪون ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ توانائي ۽ بجلي جي شعبي ۾ سڌارن تي عملدرآمد يقيني بڻائينداسين، توانائي ۽ بجلي جي شعبي جا سڌارا ملڪي معاشي استحڪام ترقي لاءِ انتهائي اهم آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.