ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ 2011ع کان گم ٿيل نينگري مريم جي بازيابي واري ڪيس جي ٻڌڻي تي وفاقي حڪومت پاران جواب جمع ڪرايو ويو آهي .وفاقي حڪومت پاران جواب ۾ چيو ويو ته گم ٿيل مريم جو پتو نه پيو آهي .جاچ آفيسر چيو ته صوبائي ٽاسڪ فورس جا 14 سيشن ٿي چڪا آهن .عدالت اهڙو جواب ٻڌي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو . عدالت جي آءِ ٽي جي سربراهه ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس کي 18 سيپٽمبر تي طلب ڪري ورتو آهي .نينگري ملير سٽي ٿاڻي جي حد مان 12 سال اڳ گم ٿي وئي هئي .