يوٽيلٽي اسٽورز تي سبسڊي واپس، اٽي جي قيمتن کي پر لڳي ويا

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم جي رليف پيڪيج تحت يوٽيلٽي اسٽورن تي سبسڊي ختم ڪرڻ کانپوءِ اٽي جي اگهن ۾ واڌ ٿي وئي، سبسڊي  ختم ٿيڻ سان 20 ڪلو اٽو 1544 رپيا مهانگو ٿي ويو،  جڏهن ته اٽي جي 10 ڪلو ٿيلهي جي اگهه ۾ 772 رپين جي واڌ ڪئي وئي آهي،.وزيراعظم جي رليف پيڪيج تحت سبسڊي ختم ڪرڻ جا اثر سامهون اچڻ شروع ٿي ويا، هاڻي يوٽيلٽي اسٽورن تي غريبن لاءِ اٽو مهانگو ٿي ويو آهي.يوٽيلٽي اسٽورن تي سبسڊي ختم ڪرڻ سان 20 ڪلو اٽو 1544 رپيا مهانگو ٿي ويو، عام صارفين لاءِ يوٽيلٽي اسٽورن تي اٽي جي 10 ڪلو ٿيلهي جي قيمت ۾ 772 رپيا واڌ ڪئي وئي.عام صارفين لاءِ يوٽيلٽي اسٽورن تي 10 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 1420 رپيا آهي جڏهن ته بي آءِ ايس پي جي مستحقن کي 10 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 648 رپين ۾ ملندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.