ڳاڙهن مرچن جو مرڪب ڦڦڙن جي ڪينسر لاءِ فائديمند قرار

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ڳاڙهن مرچن ۾ موجود هڪ مشهور ڪيميڪل بابت اهم انڪشاف ٿيو آهي ته اهو ڦڦڙن جي ڪينسر کي روڪڻ ۾ پنهنجو مک ڪردار ادا ڪندو آهي. مرچن کي کي تکاڻ ڏيندڙ هڪ ڪيميڪل ڪيپسيسن جتي ٻيا گھڻا فائدا رکندو آهي اتي هاڻي خبر پئي آهي ته اهو ڦڦڙن ۾ ڪيسنر جي رفتار سست ڪندو آهي ۽ ڪينسر جي خلين جي وڌڻ کي روڪيندو آهي . تجربي واري هنڌ ڪينسر جي خلين کي روڪڻ ۾ ڪيپسيسن جا فائدا سامهون آيا آهن. مرچ کي تِکو بڻائيندڙ ان مرڪب تي مارشل يونيورسٽي جي ڊاڪٽر پيالي داس گپتا پنهنجي ليبارٽري ۾ان تي ڪيترائي تجربا ڪيا آهن ڊشز مان ڊاڪٽر پيالي داس ڦڦڙن جي ڪينسر جا خليا وٺي انهن تي ڪيپسين آزمايو ته ڪينسر جا خليا پهرين مرحلي ۾ ئي بيهجي ويا جنهن کي ميٽا اسٽيٽس چئبو آهي يعني ان مرحلي تي ڪينسر جو پهريون حملو شروع ٿيندو آهي. ٻئي مرحلي ۾ هن ڦڦڙن جي ڪينسر ۾ مبتلا ڪوئن کي ڪيپسيسن ڏنو ته ٻين ڪوئن جي ڀيٽ ۾ انهن جي ڦڦڙن ۾ ميٽا اسٽيٽڪ ڪينسر جا خليا گھٽ موجود هئا. وڌيڪ تفصيلن مان خبر پئي ته اهو مرڪب ايس آر سي پروٽين کي روڪيندو آهي جيڪو ڪينسر جي خلين کي وڌڻ، پکيڙجڻ ۽ زندهه رکڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪندو آهي. ان تجربي مان ظاهر ٿيو ته ڪيپسيسن سڌيءَ ريت ايس آر سي کي بلاڪ ڪندو آهي ۽ ائين ان جي رفتار گھڻي سست ٿي ويندي آهي. ان ڪري ڪينسر کي پهرين مرحلي تي روڪيندڙ ميٽااسٽيٽڪ ٿراپي تي ڪم ڪري سگھجي ٿو جيڪو هڪ نئون ۽ بهترين طريقو هوندو. ڊاڪٽر پيالي داس چيو واضح رهي ته ان کان اڳ ڪيپسيسن کي وزن گھٽائڻ ۾ اثرائتو ڏٺو ويو آهي. ڪيپسيسن جو استعمال معدي، آنڊن جي سوڄ جو سبب بڻجي سگھي ٿو. پر ماهرن کي اميد آهي ته هو ان کي ٻئي طريقي سان هاءِ علاج سان استعمال ڪري ڪيترن قسمن جي ڪينسر کي محدود ڪري ماڻهن کي شفا به ڏئي سگھجي ٿي ڇو ته اها ڪينسر هوريان هوريان آنڊن، هڏن ۽ دماغ تائين به پهچي ويندي آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ان کان اڳ ڪيپسيسن ٽرپل نگيٽو بريسٽ ڪيسنر لاءِ به فائديمند ثابت ٿيو آهي. ان کان علاوه وڏي آنڊي جي ڪينسر ۾ به ان جا فائدا سامهون آيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.