ننڍڙي اصول تي عمل ڪري هر شيءِ سولائي سان سِکي سگهجي ٿي

ميريلينڊ (ويب ڊيسڪ) جيڪڏهن توهان ڪو نئون ڪم، فن يا هنر سکي رهيا آهيو ته سکڻ جي عمل دوران دماغ کي مناسب وقفو به ڏيو جنهن سان سکڻ جي صلاحيت بهتر ۽ ان کي ياد ڪرڻ وڌيڪ ٺوس ٿي سگھي ٿو. سائنسي رسالي “ڪرنٽ ٽيڪنالوجي” موجب ان ڏس ۾ ماهرن هڪ سروي ڪئي ۽ ان کان پوءِ ئي پنهنجا نتيجا ظاهر ڪيا آهن. ماهرن جو اصرار آهي ته ان تيز رفتار ڊوڙ ۾ عام ملازمن کي به ترقي حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي ڪم کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪيترن ٽريننگس مان گذرڻو پوندو آهي ۽ ائين سکڻ جو اهو نئون طريقو انهن لاءِ گھڻو سٺو ثابت ٿي سگھي ٿو. جيتوڻيڪ ڪجهه ماڻهو نئون هنر سکڻ لاءِ لاڳيتو مشق ڪرڻ تي زور ڏيندا آهن پر مشق (پريڪٽس) دوران وقفو وٺي دماغ کي پرسڪون ۽ تازو ڪرڻ ڪرڻ سان مهارت حاصل ڪرڻ ۾ گھڻي مدد ملندي آهي ۽ آخرڪار  ان جا ٺوس فائدا ٿيندا آهن. ان ڪري هڪ دلچسپ تجربو ڪيو ويو آهي. سڌي هٿ کي استعمال ڪندڙ رضاڪارن جي مٿي تي هڪ ٽوپ جهڙو دماغ جي اسڪيننگ ڪندڙ ٽوپ پارايو ويو. ان کان پوءِ هنن کي ڪمپيوٽر جي اسڪرين آڏو ويهاري ڪجهه نمبر ڏيکاريا ويا. هنن کي چيو ويو ته سڌي هٿ بدران هاڻي کٻي هٿ سان ڏهن سيڪنڊن اندر جيتري تيزيءَ سان ظاهر ٿيندڙ نمبرن کي لکي سگھو ٿا ته لکو. پوءِ  ڏهن سيڪنڊن جو وقفو ڪريو ۽ ٻيهر ٽائپنگ شروع ڪريو. رضاڪارن کي 35 ڀيرا ائين ڪرڻ جو چيو ويو. ماهرن نوٽ ڪيو ته وقت سان گڏوگڏ رضاڪارن جي رفتار سٺي ٿيندي وئي ۽ يارهون ڀيرو ٽائپنگ تي فرق ڪرڻ ڏکيو هو ته هو پنهنجي سڌي هٿ سان لکي رهيا آهن يا کٻي هٿ سان  پر ان مان به دلچسپ هڪ ٻئي ڳالهه سامهون آئي. ماهرن اسڪيننگ ٽوپ جي سگنلن  ذريعي ڏٺو ته ٽائپنگ بدران دماغي آرام جي وقفي ۾ رضاڪارن جي دماغ ۾ سکڻ جو عمل وڌيڪ پيدا ٿيو. پوءِ اها صلاحيت ان جي ٻئي مشق ۾ ڪم آئي. اهو ئي سبب آهي ته هر آرام جي وقفي کان پوءِ هو وڌيڪ سکڻ لڳا ۽ هنن جي رفتار وڌندي وئي. ماهرن اهو به ڏٺو ته آرام دوران سکڻ ۽ يادداشت جو عمل  بهتر ۽ مضٻوط ٿيندو رهيو. ان مان اهو ظاهر ٿيو ته ڪم سکڻ دوران وقفو وٺڻ سان سکيل عمل دماغ ۾ پير ڄمائڻ لڳندو آهي ۽ هنر دماغي صلاحيت جو حصو بڻجڻ لڳندو آهي. اها ٽيڪنيڪ فالج سٽيل مريضن جي بحاليءَ ۾ به استعمال ڪري سگھجي ٿي. سروي ڪندڙ ماهر ڊاڪٽر ليونارڊو جي ڪوهن جو چوڻ آهي ته سکڻ دوران وقفي سان پاڻ سکڻ جو عمل تيز ٿيندو آهي. ان ڪري اسان نوان هنر آزمائيندڙن کي  ڪم دوران دماغ کي ڪجهه وقت آرام ڪرڻ جو مشورو ڏيندا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.