ميون ۽ ڀاڄين جي استعمال سان هارٽ فيل جو خطرو 41 سيڪڙو گھٽجي ويندو آهي

لنڊن (ويب ڊيسڪ) ڀاڄين، ميون، ۽ مڇي جو باقاعده استعمال دل جي مرضن خاص ڪري موت مار هارٽ فيل جي خطري کي 41 سيڪڙو تائين گھٽ ڪري ڇڏيندو آهي.

ان امر جو انڪشاف برطانيا جي مشهور مايو ڪلينڪ جي ماهرن هڪ ڊگھي سروي کان پوءِ ڪيو آهي. ڊاڪٽرن چيو آهي ته جيڪڏهن توهان دل جي موت مار دوري کان محفوظ رهڻ چاهيو ٿا ته گوشت، مٺن شربتن، ڪولا ۽ فاسٽ فوڊ کي ترڪ ڪري ڀاڇيون، ميوا ۽ مڇي کائڻ کي پنهنجي عادت بڻايو.

واضح رهي ته هارٽ فيل جي ڪيفيت ۾ دل کي رت جي فراهمي متاثر ٿيندي آهي ۽ سموري دنيا ۾ان مرض ۾ واڌ ٿي رهي آهي ۽ هاڻي اهو مرض عالمي وبا جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي. روچيسٽر ۾ موجود مايو ڪلينڪ جي دل جي ماهر ڊاڪٽر ڪالا لارا پنجن قسمن جي کاڌن جي عادت يا طريقن ۽ دل جي مرضن وچ ۾ واسطي جو مشاهدو ڪيو آهي. ان ڪري هن اهڙن مريضن جي چونڊ ڪئي جيڪي دل جا مريض بڻجي چڪا آهن.

ماهرن ٻڌايو ته ڄاڻايل کاڌن جي استعمال سان دل جي دوري جو خطرو 72 سيڪڙو وڌي ويندو آهي جن ۾ انڊا، فرائي فوڊ، گوشت وارا کاڌا، پروسيس ٿيل گوشت ۽ کنڊ سان ڀرپور شربت پڻ شامل آهن. ان خلاف ڀاڇيون ۽ ميوا دل لاءِ بهتر ثابت ٿيندا آهن ۽ دل جي مرضن جي خطري کي 41 سيڪڙو گھٽائيندا آهن. مايو ڪلينڪ جي ماهرن چيو ته هزارين مريضن تي تحقيق کان پوءِ خبر پئي ته تازا ميوا ۽ ڀاڄيون ڪيترين خاصيتن سبب دل کي مرضن کان محفوظ رکنديون آهن. ان ڪري پنهنجي خوراڪ ۾ ڀاڄين جو استعمال ضرور وڌايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.