صحت جي عالمي اداري مليريا کان بچاءَ جي ويڪسين به تيار ڪري ورتي

جينيوا (ويب ڊيسڪ) صحت جي عالمي اداري مليريا جي ويڪسين تيار ڪري ورتي، ويڪسين جي آزمائش رڳو ملاوا ۾ ڪئي ويندي، ٻئي مرحلي ۾ ان کي گھانا ۽ ڪينيا ۾ به آزمايو ويندو.

صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) ۽ ٻين دوائون ٺاهيندڙن جي ڊگھي تحقيق ۽ اربين ڊالرن جي لاڳت کان پوءِ تيار ڪئي وئي مليريا کان بچاءَ جي پهرين ويڪسين جي آزمائش شروع ڪئي وئي آهي.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب مليريا لاءِ هن وقت تائين ڪا خاص ويڪسين تيار ناهي ڪئي وئي، پر ان مان امڪاني تحفظ ۽ بچاءَ لاءِ ٻين دوائن جي مدد ورتي ويندي آهي.

پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ هر سال لکين ماڻهون ان مرض سبب موت جو شڪار ٿيندا آهن، بخار سبب ٿيندڙ گھڻا موت مليريا سبب ئي ٿيندا آهن.

صحت جي عالمي اداري گذريل سال مليريا جي بچاءَ جي عالمي ڏينهن بابت آر ٽي ايس ايس نالي ويڪسين تيار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي  ۽ اعلان ڪيو هو ته ان جي آزمائش اپريل 2019ع کان شروع ڪئي ويندي.

هاڻي صحت جي عالمي اداري ان جي آزمائش شروع ڪري ڇڏي آهي. صحت جي عالمي اداري موجب مليريا کان بچاءَ لاءِ تيار ڪيل دنيا جي پهرين ويڪسين جي آزمائش آفريقي ملڪ ملاوا کان شروع ڪئي ويندي. ملاوا جي ڳڻپ دنيا جي انهن ملڪن ۾ ڪئي ويندي آهي جتي مليريا سبب گھڻا ماڻهو موت جو شڪار ٿيندا آهن. شروعاتي طور تي ان ويڪسين جي آزمائش رڳو ملاوا ۾ ڪئي ويندي، ٻئي مرحلي ۾ ان ويڪسين کي ويجهن ملڪن گھانا ۽ ڪينيا ۾ به آزمايو ويندو.

صحت جي عالمي اداري موجب ان ويڪسين جو آزمائشي پروگرام 4 سالن تائين جاري رهندو ۽ ان دوران هر 5 مهينن جي ٻار کان وٺي 2 سالن جي ٻارن کي سال ۾ 4 ويڪسين ڏنيون وينديون.

ماهرن موجب ٻارن کي اها ويڪسين 4 ڀيرا ڏني ويندي، شروع ۾ ٻارن کي ان ويڪسين جي هر ٽن مهينن بعد ٽئي ڊوز، جڏهن ته آخري ڊوز 18 مهينن بعد ڏنو ويندو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.