اسلام آباد( منيب فاروق)گذريل ڏينهن پ پ جي اڳواڻ نثار کھڙي تمام گهڻي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. حالانڪه ڪجهه ڏينهن اڳ صدر آصف علي زرداري پنهنجي تقرير ۾ فيلڊ مارشل جي تعريف ڪئي هئي. پر نثارکهڙو جيڪي ڳالهيون ڪري رهيو آهي، ان سان پيپلز پارٽي شايد پاڻ کي تمام وڏن ۽ نون مسئلن ۾ گهيري رهي آهي. پيپلز پارٽي پاڻ ان ڳالهه جو نوٽيس وٺي ته بهتر ٿيندو، ڇو ته وقت کان اڳ اسٽيبلشمينٽ سانمعاملا خراب ڪرڻ درست نه هوندو.ذريعن موجب پيپلز پارٽي لاءِ به چيو پيو وڃي ته جيڪڏهن هو ان معاملي کي اڳتي وٺي هلي، ته پوءِ حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون. نثار کھڙو جيڪا تقرير ڪئي، ڇا ان جي پويان ڪا خاص رٿابندي آهي؟ ڇا واقعي کيس چيو ويو هو ته توهان پوريءَ طرح حملو ڪريو ۽ ان بابت ڳالهائڻ شروع ڪريو؟ ڇا اها پاليسي آهي ته ته پيپلز پارٽي سوچي ورتو آهي ته اسان کي هاڻي وڙهڻو آهي. اسلام آباد ۾ ڪجهه شخصيتن جو چوڻ آهي پيپلز پارٽي جا دوست ڪنهن غلط فهمي جو شڪار آهن. هاڻي پيپلز پارٽي کي لڳي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ غلط فهميءَ جو شڪار آهي، ۽ پيپلز پارٽي ان ڳالهه کي مڃڻ لاءِ تيار ناهي.ظاهر آهي پيپلز پارٽي سنڌ ۾ تمام مضبوط حڪومت آهي ۽ هو سنڌ جي سڃاڻپ ۽ ان جي تحفظ بابت ڳالهائين ٿا. پر اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ سوچ اها آهي ته ”ڪراچيءَ کي ته اسان کي ٺيڪ ڪرڻو آهي، ڪراچي هاڻي ائين نه رهندي، چاهي ڪجهه به ٿي پوي، ۽ ڪراچيءَ لاءِ وڏيون تبديليون لائن ۾ آهن ۽ ٿيڻ واريون آهن،ان جو مطلب اسٽيبلشمينٽ ان تجويز تي پٺتي هٽڻ لاءِ تيار ناهي،ٿي سگهي ٿو بعد ۾ مسئلو اٽڪي پوي، اها بعد جي ڳالهه آهي. پر جڏهن توهان ماڻهن سان ملندا آهيو ته اندازو ٿئي ٿو ته اهي هتي رڪجڻ وارا ناهن.ٻئي پاسي پنجاب کي چئن حصن ۾ ورهائڻ لاءِ غور جاري آهي،. راولپنڊي کي اسلام آباد سان ئي ملايو ويندو جڏهن ته وزيراعظم شهبازشريف انهن سڀني ڪوششن سان متفق آهي ۽ هو سمجهي ٿو ته اهو ئي اڳتي وڌڻ جو رستو آهيهاڻي سوال اهو ٿو اڀري ته جڏهن اهو سڀ ڪجهه پلان ٿي چڪو آهي، ته وچ ۾ اهونئون جهيڙو شروع ٿي چڪو آهي،پهرين ته پي ٽي آءِ جي اسٽيبلشمينٽ سان ويڙهه هئي، هاڻي پيپلز پارٽي سان ڇڪتاڻس شروع ٿي وئي آهي،ان جو انجام چون ٿا ته سٺو نه ٿيندو، ۽ طاقتور وارننگ ڏئي رهيا آهن ته پيپلز پارٽي لاءِ اهو سٺو نه ٿيندو ۽ کين ان جو نتيجو ڀوڳڻو پوندو.جيڪڏهن پيپلز پارٽي هن معاملي ۾ پنهنجو بقا ڪري وڃي ٿي، سنڌ ۾ ڪوبه نئون صوبو نٿو ٺهي، ڪابه ڊويزن نٿي ٿئي، ته پوءِ پيپلز پارٽي جو اعتماد ته آسمان سان ڳالهيون ڪندو!ان کان ڪئنالن واري معاملي تي کين ڪاميابي ملي، هاڻي معاملو ٻئي طرف هليو ويندو.دلچسپ ڳالهه اها آهي ته پنجاب ۾ جهاز خريد ڪرڻ ۽ ان جي استعمال بابت سخت تنقيد ٿي رهي آهي، پنجاب اندر اها ڳالهه ٿي رهي آهي ته مريم نواز کي سياسي طور وڏو ڌڪ پهتو آهي،ن ليگ جي ڪجهه دربارن ۾ اها ڳالهه هلي رهي آهي ته جيڪڏهن ادائيگي ڪرڻي ئي هئي ته اهي شئيون اڳ ۾ ئي پبلڪ ڪرڻ گهرجن ها.