سڊني سويني کي اشتهار ۾ اگهاڙو ٿيڻ ڳچيءَ ۾ پئجي ويو، ڇتي تنقيد

لنڊن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي اداڪارا سڊني سويني جي جوئا واري ايپ جي تڪراري اشتهار خلاف دنيا جي مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ عورت رانديگرياڻين آواز اٿاري ڇڏيو.
اشتهار ۾ سڊني سويني کي راندين جي مختلف سامان ذريعي جسم جا ڪجهه حصا ڍڪيل، محدود لباس ۾ ڏيکاريو ويو آهي، جنهن تي رانديگرياڻين راندين ۾ عورتن کي جنسي انداز ۾ پيش ڪرڻ ۽ سندن راند واري ڪارڪردگي بدران ظاهري شڪل ۽ جسماني بيهڪ کي اهميت ڏيڻ تي تنقيد ڪئي.
آمريڪي جمناسٽ گريسي ڪريمر ڪئي، جنهن پنهنجي ٽريننگ جون جھلڪيون تي ٻڌل هڪ وڊيو پوسٽ ڪندي لکيو: ”مون کي خبر ناهي ته سڊني سويني ڇا ڪري رهي هئي، پر راندين ۾ عورتون ائين نظر اچن ٿيون.“
ڪريمر برطانوي ميڊيا کي ٻڌايو ته کيس پنهنجي پوسٽ تي ايترو ردعمل اچڻ جي ”اميد نه هئي“ ۽ هوءَ ”رڳو عورتن جي حوصلا افزائي ڪرڻ چاهي پئي ۽ کين اهو ياد ڏيارڻ چاهي پئي ته اوهان اهڙي قسم جا اشتهار ڏسي سگهو ٿا، پر ياد رکو ته رڳو اها ئي شيءِ اهم ناهي.“ هن چيو ته ”اهو ڏسي ڏاڍو سٺو لڳو ته تمام شاندار رانديگرياڻيون هن بحث ۾ شامل ٿي رهيون آهن، پنهنجي ۽ هڪ ٻئي جي حوصلا افزائي ڪري رهيون آهن.“
هن وڌيڪ چيو ته جمناسٽ جي حيثيت سان ليئوٽارڊ پائي مقابلو ڪرڻ سبب هوءَ مردن طرفان توهين جوڳن پيغامن وصول ڪرڻ جي عادي ٿي چڪي هئي.
ڪريمر وڌيڪ چيو ته ”بدقسمتي سان منهنجي لڳ ڀڳ سڄي ڪيريئر دوران اهڙي تجربي مون کي ايترو مضبوط بڻائي ڇڏيو جو مان ان بابت پوسٽ ڪري سگهان ۽ انهن عورتن لاءِ آواز اٿاري سگهان.“
برطانوي ايٿليٽ ايمي هنٽ به اشتهار تي ردعمل ڏيندي چيو ته عورت رانديگرن جي سڃاڻپ سندن جسم، پورهئي، پگهر ۽ ڪاميابين سان ٿيڻ گهرجي.
آسٽريليا جي چار ڀيرا اولمپڪ سوئمنگ چيمپيئن آريان ٽٽمس چيو ته اهڙي اشتهار هر ان عورت لاءِ توهين آهي، جنهن پنهنجي مهارت کي بهتر بڻائڻ لاءِ زندگي وقف ڪئي.
برطانوي اولمپڪ چيمپيئن سوفِي ڪيپويل، رگبي پليئر ليزا نيومن، ايلي بوٽمين ۽ آسٽريلوي واٽر پولو اولمپين ٽلي ڪيرنز پڻ اشتهار خلاف پنهنجا خيال ۽ ذاتي تجربا شيئر ڪيا.
انگلينڊ جي رگبي رانديگرياڻي ايلڪس ميٿيوز چيو ته اهڙا اشتهار نوجوان عورتن کي جسم جي رڳو هڪ ”مناسب ساخت“ هجڻ جو تاثر نه ڏيڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته راندين ۾ هر جسماني بيهڪ جي پنهنجي طاقت هوندي آهي.
ٻئي پاسي سڊني سويني اشتهار تي سڌو سنئون ڪو تبصرو نه ڪيو، پر سوشل ميڊيا تي عورتن ۽ مردن جي مشهور رانديگرن جون محدود لباس واريون تصويرون شيئر ڪندي ظاهري طور اشتهار تي ٿيندڙ تنقيد ۾ ٽڪراءَ ڏانهن اشارو ڪيو.

 

You might also like