نوان انتظامي يونٽ ٺهي سگهن ٿا، پر سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه قبول نه ڪنداسين: عاجز ڌامراهه

شاهپور چاڪر (ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي اڳواڻ عاجز ڌامراھه چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن پنهنجي پنهنجي تڪ جي عوام جي نمائندگي ڪندي سنڌ جي ورهاڱي واري سازش کي رد ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ کي ڪنهن به صورت ۾ تقسيم ٿيڻ نه ڏينداسين.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي عاجز ڌامراھه چيو ته ايم ڪيو ايم نون انتظامي يونٽن جو مطالبو ڪيو آهي، ملڪ ۾ نوان انتظامي يونٽ ٺهي سگهن ٿا، پر سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه قبول نه ڪئي ويندي.

You might also like