اَڀِيشيڪ شرما افغاني بالرن کي ڌوئي ڇڏيو، ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ۾ تيز ترين سينچري جڙي ورتائين

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) افغانستان خلاف ٽين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ڀارتي بيٽر اڀيشيڪ شرما شرما طوفاني بيٽنگ ڪندي رڳو 30 بالن تي سينچري مڪمل ڪري ورتي، جيڪا فل ميمبر ملڪ جي ڪنهن به رانديگر جي تيز ترين ٽي ٽوئنٽي سينچري آهي.
ارون جيٽلي اسٽيڊيم ۾ اڀيشيڪ شرما شرما رڳو 34 بالن تي 108 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو،
هن 300 کان وڌيڪ جي اسٽرائيڪ ريٽ سان رنسون ٺاهيون.سندس اننگز ۾ 9 چوڪا ۽ 11 ڇڪا شامل هئا.

You might also like