اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي پيٽروليم ليوي خلاف 20 سيپٽمبر تي اسلام آباد مارچ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته مطالبا منظور ٿيڻ تائين ڊي چوڪ تي ڌرڻو جاري رکيو ويندو.
جماعت اسلامي اسلام آباد جي امير انجنيئر نصرالله رنڌاوا اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مارچ پرامن ۽ تاريخي هوندو، جنهن ۾ سڄي ملڪ مان ڪارڪن ۽ شهري شرڪت ڪندا.
هن چيو ته حڪومت گذريل سال پيٽروليم ليوي جي مد ۾ عوام کان اربين رپيا اوڳاڙيا، جماعت اسلامي جو مطالبو آهي ته عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ليوي ختم ڪئي وڃي.
نصرالله رنڌاوا موجب، حڪومت سان ڳالهين دوران متبادل آمدني جا ذريعا پڻ تجويز ڪيا ويا، پر 20 سيپٽمبر واري مارچ جي ڪال برقرار آهي.
هن چيو ته مارچ کان پوءِ ڊي چوڪ تي ڌرڻو مطالبا منظور ٿيڻ تائين جاري رهندو، انتظامن لاءِ 20 انتظامي ۽ 50 ماتحت ڪميٽيون جوڙيون ويون آهن، جڏهن ته انتظاميا کي ڊي چوڪ تي ڌرڻي لاءِ باظابطا درخواست پڻ ڏني وئي آهي.