مردان (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ڪيپٽن (ر) صفدر چيو آهي ته خيبر پختونخوا بابت پنهنجي گهرواري ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جو بيان ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو، مريم نواز خيبر پختونخوا وارن جي نُنهن آهي.
مردان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيپٽن (ر) صفدر چيو ته خيبر پختونخوا جي وڏي وزير جي لاهور اچڻ بابت حڪومت کي اڳواٽ آگاهه ڪرڻ گهرجي ها.
هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن جي گهر وڃڻو هجي ته در کڙڪائڻو پوندو آهي.
ن ليگي اڳواڻ چيو ته هي وقت نوان صوبا ٺاهڻ جو نه، پر ملڪ جي معيشت سنڀالڻ جو آهي، نوان صوبا سياسي قيادت، پارليامينٽ ۽ عوام جي رضامندي سان ئي ٺهندا.
مريم جو بيان ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو، هوءَ خيبر پختونخوا جي نُنهن آهي: مڙس ڪيپٽن صفدر
You might also like