اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم آفيس موجب پيٽرول سبسڊي اسڪيم ۾ رجسٽريشن لاءِ ايس ايم ايس موڪلڻ جي سهولت مفت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ننڍين گاڏين جي مالڪن کي فيول سبسڊي ڏني پئي وڃي.
وزيراعظم آفيس جو چوڻ آهي ته سڄي ملڪ ۾ فيول سبسڊي اسڪيم تحت عوام کي رليف فراهم ڪيو پيو وڃي.
وزيراعظم آفيس موجب، پيٽرول تي 100 رپيا في ليٽر سبسڊي سان عوام کي رليف ملڻ شروع ٿي ويو آهي، پر ڪيترن ئي ماڻهن کي رجسٽريشن دوران ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو هو.
واضح رهي ته ان کان اڳ حڪومت پيٽرول تي 100 رپيا في ليٽر سبسڊي حاصل ڪرڻ جو طريقو به ٻڌايو هو.
سومر ڏينهن آءِ ٽي واري وزير شزا فاطمه چيو هو ته اسڪيم تحت ٻه ڦيٿن، ٽن ڦيٿن ۽ 800 سي سي تائين گاڏين جي مالڪن کي رليف ڏنو ويندو.
شزا فاطمه موجب، ٽو ويلر ۽ ٿري ويلر گاڏين لاءِ 20 ليٽر پيٽرول، جڏهن ته 800 سي سي تائين گاڏين لاءِ 30 ليٽر پيٽرول تي سبسڊي ڏني ويندي.
سندس چوڻ هو ته پروگرام کي ٻن مرحلن ۾ ورهايو ويو آهي، پهرئين مرحلي ۾ رجسٽريشن ڪرائڻي پوندي، جنهن لاءِ واهپيدار پنهنجي قومي سڃاڻپ ڪارڊ تي رجسٽرڊ سم تان ”آر اِي جي“، شناختي ڪارڊ نمبر، صوبي جو پهريون اکر ۽ موٽر سائيڪل يا گاڏي جي رجسٽريشن جي تاريخ لکي 9771 تي موڪليندو.
آءِ ٽي واري وزير موجب،رجسٽريشن کانپوءِ جڏهن واهپيدار پيٽرول وٺڻ ويندو ته 9771 تي ”ٽي او ڪي“ لکي پيغام موڪليندو، جنهن کانپوءِ مليل ٽوڪن پيٽرول پمپ تي ڏيکاري سبسڊي حاصل ڪري سگهبي.
شزا فاطمه شهرين کي هدايت ڪئي ته پنهنجو شناختي ڪارڊ نمبر يا ٻي ڪا به ذاتي ڄاڻ ڪنهن سان شيئر نه ڪن، حڪومت شهرين کان نه ڪا ڊيٽا طلب ڪندي ۽ نه ئي ڪو چارج وصول ڪندي.
هن چيو ته پروگرام ۾ جيڪڏهن ڪا غلطي سامهون آئي ته ان جو جائزو وٺي ان کي درست ڪيو ويندو.
ٻئي پاسي، شهرين 100 رپين جي رليف کي سٺو قدم قرار ڏيندي مطالبو ڪيو آهي ته سبسڊي ۾ وڌيڪ واڌ ڪئي وڃي.
شهرين جو اهو به مطالبو آهي ته حڪومت پيٽرول جون قيمتون گهٽائي، جيئن وڌندڙ سفري خرچن سبب عوام کي وڌيڪ رليف ملي سگهي.
پيٽرول سبسڊي اسڪيم ۾ رجسٽريشن وارو ايس ايم ايس مفت، ننڍين گاڏين مالڪن کي رليف، سستو تيل وٺڻ جو طريقو ڄاڻيو
You might also like