”آپگهات جو سوچڻ لڳي هيس“، مومنا جو ايم پي اي ثاقب چڍڙ سان تڪرار ۽ شادي کان اڳ واري اذيت بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا مومنا اقبال انڪشاف ڪيو آهي ته شادي کان 12 ڏينهن اڳ هوءَ شديد ذهني دٻاءَ جو شڪار هئي ۽ هڪڙو وقت اهڙو به آيو جڏهن هوءَ آپگهات ڪرڻ بابت سوچڻ لڳي هئي.
اداڪارا هڪ انٽرويو دوران شادي کان اڳ پيش آيل شديد ذهني دٻاءَ بابت ڳالهائيندي چيو ته ايم پي اي ثاقب چڌڙ سان جاري تڪرار دوران کيس سخت ذهني اذيت مان گذرڻو پيو.
هڪ صحافي کي انٽرويو ڏيندي مومنا اقبال ٻڌايو ته سندس نجي مواد منظرِعام تي اچڻ جي خدشي کيس ايترو ذهني دٻاءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو، جو شادي کان رڳو 12 ڏينهن اڳ هوءَ خودڪشي بابت سوچڻ لڳي هئي ۽ جذباتي طور مڪمل طور ٽٽي چڪي هئي.
اداڪارا جو چوڻ هو ته ان صورتحال دوران کيس اهو ڊپ به ورهائي ويو هو ته ته حمزا کيس ڇڏي ڏيندو، پر ان ڏکئي وقت ۾ سندس مڱيندي کيس تمام گهڻو سهارو ڏنو ۽ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اتساهه ۽ ڏڍ ڏنو.

 

You might also like