اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ڪفايت شعاري ۽ ٻارڻ جي بچت لاءِ نوان قدم کڻندي مختلف پابندين ۽ سرڪاري خرچن ۾ گهٽتائي بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، ايندڙ ٽن مهينن لاءِ سرڪاري گاڏين کي ملندڙ ٻارڻ ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي ويندي، جڏهن ته هٿياربند فوجن، سول آرمڊ فورسز، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، ضروري خدمتن ۽ ايف بي آر جي آپريشنل گاڏين کي ان پابندي کان ڇوٽ حاصل هوندي. ترقياتي منصوبن واريون گاڏيون به ان فيصلي کان آجيون هونديون.
بچت قدمن تحت هر قسم جي سرڪاري گاڏين جي خريداري تي مڪمل پابندي لڳائي وئي آهي، جڏهن ته آءِ ٽي سامان کانسواءِ ٻين پائيدار شين جي خريداري پڻ ممنوع قرار ڏني وئي آهي.
ايندڙ ٽن مهينن دوران سرڪاري خرچ تي پرڏيهي دورن تي به پابندي هوندي، اڻٽر پرڏيهي سفر جي صورت ۾ وفاقي وزيرن، سرڪاري آفيسرن ۽ ٻين اختيارين کي رڳو اڪانومي ڪلاس ۾ سفر ڪرڻو پوندو.
حڪومت سرڪاري اجلاس ترجيحي طور ٽيلي ڪانفرنسنگ ذريعي ڪوٺائڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته پرڏيهي وفدن کانسواءِ سرڪاري ڊنر تي پابندي هوندي.
سرڪاري فنڊن مان سيمينار، تربيتي پروگرام ۽ ڪانفرنسون ڪوٺائڻ جي اجازت نه هوندي، جڏهن ته ضروري تقريبن لاءِ سرڪاري آڊيٽوريم ۽ ڪميٽي روم استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، شادي جي تقريبن ۾ رڳو هڪ ڊش پيش ڪرڻ واري هدايت به برقرار رهندي.
دڪان، بازارون، مارڪيٽون ۽ شاپنگ مال رات 9 وڳي بند ڪرڻا پوندا، جڏهن ته ميرج هال، مارڪيز ۽ تقريبن جا تجارتي هنڌ رات 10 وڳي تائين بند ڪرڻ جا حڪم به برقرار رکيا ويا آهن.
ريسٽورنٽ، ڪيفي ۽ کاڌي پيتي جا مرڪز رات 11 وڳي بند ٿيندا، جڏهن ته ٽيڪ اوي ۽ هوم ڊليوري سروسز کي ڇوٽ حاصل هوندي.
فارميون، ڪلينڪون، اسپتالون، طبي ليبارٽريون، طبي سامان جا دڪان، تندور، کير ۽ ڊيري شاپس، پيٽرول پمپس ۽ اليڪٽرڪ گاڏين جا چارجنگ اسٽيشنز ڪاروباري وقتن واري پابندي کان آجاٰ هوندا.
جم، راندين جون سهولتون، آءِ ٽي ڪمپنيون ۽ ڪال سينٽرز کي انهن پابندين کان ڇوٽ حاصل آهي.
وفاقي حڪومت واضح ڪيو آهي ته بچت قدمن کان ڇوٽ لاءِ درخواستن تي ڪيس ٽو ڪيس بنياد تي غور ڪيو ويندو، جڏهن ته لاڳاپيل سفارشون منظوري لاءِ وزيراعظم ڏانهن موڪليون وينديون.
صوبائي ۽ علائقائي حڪومتن کي به اهڙي نوعيت جا قدم کڻڻ تي غور ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
ٻارڻ بچائڻ لاءِ حڪومت جو ”اڌ فيول“ فارمولو، سرڪاري گاڏين جي پيٽرول تي 50 سيڪڙو ڪٽوتي، فوجين کي ڇوٽ
You might also like