تازو خبر آئي آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ تيل جي قيمتن سبب،سڄي پاڪستان اندر هفتي ۾ چار ڏينهن ڪم، ٽي ڏينهن موڪل ڪرڻ لاءِ، حڪومت پاران سمارٽ پيٽروليم لاڪ ڊائون لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ذريعن موجب وفاقي حڪومت عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي مسلسل وڌندڙ قيمتن کي نظر ۾ رکندي، ملڪ ۾ تيل جي استعمال کي گهٽائڻ لاءِ هڪ نئون فارمولو تيار ڪيو آهي، جنهن کي "سمارٽ پيٽروليم لاڪ ڊائون” جو نالو ڏنو ويو آهي.هن فيصلي تحت سڄي پاڪستان ۾ هفتي ۾ صرف 4 ڏينهن ڪم ۽ 3 ڏينهن موڪل هوندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته سرڪاري ۽ خانگي آفيسون سومر کان خميس تائين کليل هونديون، جڏهن ته جمعو، ڇنڇر ۽ آچر تي مڪمل بند ڪيو ويندو.اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون به هفتي ۾ چار ڏينهن ئي کليل هونديون.پبلڪ ٽرانسپورٽ کي محدود ڪرڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي. حڪومت جو مقصد آهي ته ٽي ڏينهن گاڏيون نه هلڻ، آفيسن جا جنريٽر ۽ اي سي بند رهڻ سان اربين رپين جي تيل جي بچت ٿئي. حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته هي فيصلو مجبوري ۾ ڪيو پيو وڃي.ڇوته عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل 90 ڊالر في بيرل کان مٿي هليو ويو آهي، جنهن سان پاڪستان جو درآمدي بل تمام گهڻو وڌي ويو آهي. جيڪڏهن تيل جي استعمال تي ضابطو نه آندو ويو ته مهانگائي اڃا وڌيڪ وڌي ويندي.
ٻئي طرف هن فيصلي تي سخت تنقيد به ٿي رهي آهي ته ان عمل سان مزدور طبقو متاثر ٿيندو جيڪو روزاني اجرت تي ڪم ڪري ٿو، ان جي ٽن ڏينهن جي مزدوري ختم ٿي ويندي.ساڳي ريت تعليم جو وڌيڪ ٻيڙو ٻڏندو ڇوته اڳ ۾ ئي ٻوڏ ۽ موڪلن سبب ملڪ جي تعليم متاثر ٿي آهي، وڌيڪ موڪلون شاگردن جو مستقبل خراب ڪنديون.ايئن ڪاروبار پڻ تباهه ٿيندو ننڍا دڪاندار ۽ خانگي ڪاروبار هفتي ۾ ٽي ڏينهن بندش برداشت نه ڪري سگهندا. پيٽرول جي مهانگائيءَ جو سڀ کان وڏو اثر غريب ۽ وچولي طبقي تي پوي ٿو. امير ماڻهو ته اڄ به وڏين گاڏين ۾ سفر ڪن ٿا، سندن محلن جا ايئرڪنڊيشن بند نٿا ٿين، سندن قافلا گهٽ نٿا ٿين، پر هڪ غريب مزدور لاءِ ٻه ليٽر پيٽرول به عذاب بڻجي وڃي آھي. جيڪو ماڻهو صبح سوير مزدوريءَ لاءِ شهر وڃي ٿو، تنهن لاءِ موٽر سائيڪل ۾ پيٽرول ڀرائڻ هاڻي روزگار کان به وڌيڪ ڳرو محسوس ٿيڻ لڳو آهي. هڪ استاد يا ننڍو سرڪاري ملازم جيڪو پنهنجي محدود پگهار ۾ گهر هلائي ٿو، جڏهن هر پندرهن ڏينهن کان پوءِ پيٽرول جي نئين واڌ ٻڌي ٿو، تڏهن سندس گھر جا حساب ڪتاب بگڙي وڃن ٿا. هڪ شاگرد جيڪو تعليم لاءِ روزانو ڪيترائي ميل سفر ڪري ٿو، تنهن لاءِ به هي مهانگائي خوابن جي راهه ۾ ڪنڊا بڻجي رهيا آهن. غريب پيءُ جيڪو اڳ ئي ٻارن جي فيسن، دوائن، بجليءَ جي بلن ۽ راشن جي فڪر ۾ مبتلا آهي، سو هاڻي پيٽرول جي اگهن اڳيان به بيوس بيٺو آهي. اصل ۾ پيٽرول رڳو هڪ شيءِ جي قيمت ناهي وڌائيندو، پر اهو پوري مارڪيٽ کي ساڙي ڇڏيندو آهي. جڏهن پيٽرول مهانگو ٿئي ٿو ته ٽرانسپورٽ جا خرچ وڌن ٿا، ۽ جڏهن ٽرانسپورٽ مهانگي ٿئي ٿي ته هر شيءِ مهانگي ٿي وڃي ٿي. سبزيون، ميوا، اٽو، کنڊ، چانور، دوائون، ڪتاب، ڪپڙا، تعميراتي سامان، ۽ روزمرهه جون سڀ شيون عام ماڻهوءَ جي پهچ کان پري ٿيڻ لڳن ٿيون. ماڻهوءَ جي پگهار ساڳي رهي ٿي، پر ڏهاڙي خرچ وڌندا رهن ٿا۔
ياد رهي ته هن وقت تائين وزارت پيٽروليم يا وفاقي حڪومت طرفان ڪو به سرڪاري نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيو آهي. هي خبر اڃا تائين صرف "ذريعن” جي حد تائين آهي. حتمي فيصلو وفاقي ڪابينا جي اجلاس کان پوءِ ڪيو ويندو. هاڻي سوال اهو آهي ته ڇا تيل بچائڻ لاءِ موڪلون وڌائڻ صحيح حل آهي يا حڪومت کي ٻيو ڪو متبادل سوچڻ گهرجي؟ ان بابت ماڻهن جا مختلف رايا سامهون اچي رهيا آهن ۔ ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته حڪومت جو اهو عمل ملڪ ۾ غريب کي ويتر غريب ڪندو ۽ ننڍو طبقو بيحد متاثر ٿيندو۔ ان لاءِ سرڪاري آفيسرن ۽ وزيرن توڙي مشيرن جو سرڪاري تيل بند ٿيڻ گهرجي۔ جڏهن ته ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته ورڪ فرام هوم سان ماڻهن جا مسئلا حل ٿيڻ گهرجن. صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته ٻارڻ جي کوٽ کي روڪڻ لاءِ وفاق جيڪي به فيصلا ڪندو، اسان لبيڪ چونداسين، جيستائين حالتون مڪمل طور تي ضابطي ۾ نه اچن، تيستائين قدم کڻندا رهنداسين، وفاق لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ته سنڌ حڪومت به ان تي عمل ڪندي.