حيدرآباد ( رپورٽر)سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ جي لتاڙ خلاف سنڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽيءَ جي شاگردن، ڪيمپ تي آيل سنڌ جي ترقي پسند ۽ قوم پرست اڳواڻن، وڪيلن ۽ عورتن کي مانُ ڏيندي پنھنجي مرڻ گھڙيءَ تائين بک ھڙتال ختم ڪري ڇڏي آھي جڏھن ته سنڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽي پنھنجي احتجاجي تحريڪ ۽ ڪيمپ کي جاري رکندي سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچي ۾ سگھاري احتجاج جو اعلان ڪيو آهي. پنجن ڏينھن تائين بک ھڙتال تي ويٺل شاگردن کي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي، سنڌ ايڪشن ڪميٽيءَ جي اڳواڻن روشن ٻرڙو، مسرور شاھ، ڊاڪٽر بدر چنا، عوامي ورڪرز پارٽي (مارڪسسٽ) جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ بخشل ٿلھو، عاليه بخشل ، نامياري ليکڪا عورت اڳواڻ نظير قريشي، حيدرآباد بار جي صدر شاڪر نواز شر ، ايڊووڪيٽ حق نواز ٽالپر ۽ ٻين سوين سنڌ واسين جي موجودگي ۾ جوس پياري ۽ ھار پارائي بک ھڙتال ختم ڪرائي. ان موقعي تي ڊاڪٽر قادر مگسي شاگردن کي مخاطب ٿيندي چيو ته نه رڳو اسان پر سڄي سنڌ اوھان سان پيار ڪري ٿي، اسين اوھان کي بک هڙتال ختم ڪرڻ جي اپيل ڪيون ٿا،اسين حڪمت عملي سان اڳتي وڌنداسين ، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي ڊاھي پٽ ڪنداسين ۽ ان کي منطقي انجام تائين پهچائينداسين. ايس يو پي جي مرڪزي سينيئر نائب صدر روشن ٻرڙو چيو ته سنڌ حڪومت سڄي سنڌ کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي، اوھان سنڌ جا شاگرد اڪيلا ناهيو، اسين ۽ اوھين شاگرد سنڌ جي ماڻھن سان گڏجي ، ھن حڪومت خلاف ڊگھي ۽ طاقتور جدوجھد ھلائينداسين. عوامي ورڪرز پارٽي (مارڪسسٽ) جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ بخشل ٿلھو چيو ته اسين اوھان جي جدوجھد کي وڌيڪ سگھ بخشڻ لاءِ ھتي آيا آھيون ، اسين اوھان کي مرڻ نه ڏينداسين . پورھيت مزاحمت تحريڪ جي مرڪزي صدر مسرور شاھ چيو ته اوھان نوجوانن جون زندگيون اسان لاءِ وڌيڪ عزيز آھن اسين ميرٽ جي بحاليءَ لاءِ سنڌ حڪومت جي رستا روڪ ڪنداسين. حيدرآباد بار جي صدر شاڪر نواز شر چيو ته اسان سنڌ جا وڪيل اوھان نوجوانن سان گڏ آھيون اسين اوھان سان جدوجھد جي ھر وک گڏجي کڻنداسين. اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽيءَ جي اڳواڻن ذبيح الله مستوئي، وجاھت ھنگورجو، فخرالزمان کوهارو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسين سنڌ جي ترقي پسند، قوم پرست قيادت جي دل سان عزت ڪريون ٿا جن جدوجھد جي ھن اڻانگي پنڌ تي اسان جو ساٿ ڏنو. ميرٽ جي لتاڙ خلاف ھي تحريڪ ھڪ فڪر ۽ خيال جي صورت وٺي نسلن تائين جاري رھندي ، اڳواڻن چيو ته اسان جي ھي احتجاجي ڪيمپ جاري رھندي ۽ تحريڪ جي ٻئي ۽ اھم مرحلي ۾ سنڌ جي گاديءَ واري شھر ڪراچي ۾ سگھارو احتجاج ڪنداسين. مرڻ گهڙي تائين بک ھڙتال جي پنجين ڏينھن تي شاگردن کي ڊپون لڳل ھيون ، سندن جسم ڪمزور ضرور ٿيل ھئا پر ھو ھماليا جھڙن مضبوط حوصلن سان زندگي کي مقصد لاءِ قربان ڪرڻ واري جذبي ھيٺ ڪيمپ تي ويٺل ھئا . ڪيمپ تي يڪجھتي لاءِ آيل سنڌ واسين شاگردن کي جوس پياري اجرڪ پئي اوڍايا . شاگردن سان يڪجھتي ڪرڻ لاءِ ذالفقار ڀٽو جونيئر شاگردن سان يڪجھتي ڪندي دير تائين ڪيمپ تي موجود رھيو. ھن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 2 مھينا اڳ ھي نوجوان جڏھن آيا ھئا ته سندن جسم ڀريل ھئا ۽ ھو صحتمند ھئا ، اڄ ھو جسماني طور ڪمزور نظر اچي رھيا آھن ، ھو ھڪ عظيم مقصد لاءِ مرڻ گھڙيءَ تائين بک هڙتال تي ويٺا آھن، سنڌ حڪومت ۽ خاص طور سنڌ جي وڏي وزير کي پاڻ اچي شاگردن سان ملاقات ڪري سندن مطالبا مڃڻ گھرجن ھن نوجوانن سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوھان جون زندگيون اسان لاءِ اھم آھن اوھان مرڻ گھڙيءَ واري ھي بک ھڙتال ختم ڪيو ، سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه ڪيمپ تي اچي شاگردن سان يڪجھتي جو اظھار ڪيو سيد زين شاهه چيو ته سنڌ جا حڪمران بي حس ٿي چڪا آھن کين سنڌ ۽ نوجوانن جي ڪابه ڳڻتي ناھي اوھان مرڻ گھڙيءَ تائين بک هڙتال ختم ڪيو ۽ جدوجھد جو ڪو ٻيو رستو اختيار ڪيو اسان اوھان سان ھر جدوجهد ۾ گڏ آھيون.