مُلڪي نظام جي بهتري لاءِ ٿيندڙ بحث ۽ شهباز شريف محسن نقوي جا لاڳاپا

مبصر

وزيراعظم لاءِ اها ڳالهه خوش آئند هجڻ گهرجي ته سندس گهرو معاملن واري وزير محسن نقوي، ٻه ڏينهن اڳ نظام تباهه ٿيڻ جي خبر ڏيڻ کانپوءِ هاڻي اعلان ڪيو آهي ته شهباز شريف جي حڪومت پنهنجي مقرر آئيني مدت مڪمل ڪندي. هڪ غير يقيني عهدي تي ڪم ڪندڙ وزيراعظم لاءِ اها ڳالهه يقيناً خوشيءَ جو سبب هجڻ گهرجي ته هاڻي سندس ’اصل طاقتور گهرو وزير‘ تصديق ڪئي آهي ته اختلافن باوجود حڪومت کي ڪو خطرو ناهي. اهڙو کل جوڳو تجربو، البته پاڪستان جي عجيب ’هائبرڊ نظام‘ ۾ ئي ممڪن آهي، جتي وفاقي حڪومت جو هڪ نمائندو پهرين حڪومت کي چارج شيٽ ڪري ٿو ۽ نظام تبديل نه ٿيڻ جي صورت ۾ ’ڪاڪروچن‘ جو خوف ڏياري تبديليءَ جي ڌمڪي ڏئي ٿو. ان سان گڏ اهو به واضح ڪري ڇڏي ٿو ته اها تبديلي ڪهڙن شعبن ۾ متوقع آهي. ملڪ ۾ صوبن جو موجوده تعداد وڌايو وڃي، ڇاڪاڻ ته آبادي ۾ واڌ سبب رڳو چار انتظامي يونٽ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ ڪامياب نٿا ٿي سگهن. يقيناً جمهوريت هڪ سٺو نظام آهي، پر اهو ضروري ناهي ته ملڪ ۾ پارلياماني جمهوريت جو جيڪو تجربو ڪيو پيو وڃي، اهو ئي صحيح هجي. جمهوريت جا ٻيا به ڪيترائي طريقا موجود آهن، انهن کي به آزمائي سگهجي ٿو.

 حقيقت ۾ هي نُڪتو اسٽيبلشمينٽ جي ان پراڻي خواهش جو عڪاس آهي ته ملڪ ۾ موجوده پارلياماني نظام بدران صدارتي نظام هجي، جيئن وفاق کي وقار ۽ اختيار حاصل ٿي سگهي. حالتن مان ائين ئي ظاهر ٿئي ٿو ته محسن نقوي هڪ سٺي پيغامبر جو فرض به ادا نه ڪري سگهيا. شايد ان ڪري ئي آءِ ايس پي آر جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف کي ٻئي ئي ڏينهن پريس ڪانفرنس ۾ واضح ڪرڻو پيو ته محسن نقوي جا خيال سندس پنهنجا آهن، پر ملڪ ۾ حڪمراني جو مسئلو هر حال ۾ موجود آهي. ان کي بهتر بڻائڻ لاءِ انتظامي يونٽن ۾ واڌ ۽ ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ جي ضرورت موجود آهي. هنن به بي اطميناني جو اظهار ڪيو، پر سندس اظهار جو انداز محسن نقوي جي اندازِ گفتگو کان مختلف هو، جنهن ۾ هن هڪ طرح سان ان ئي حڪومت کي الٽيميٽم ڏئي ڇڏيو هو، جنهن جو هو پاڻ به حصو آهن. ڇاڪاڻ ته شايد کيس يقين هو ته جيڪا به نئين حڪومت ايندي، هو هر حال ۾ ان جو حصو رهندو.

جيئن ملڪ ۾ چونڊن لاءِ نگران حڪومت قائم ٿي ته محسن نقوي کي سڀ کان وڏي صوبي جو وڏو وزير بڻايو ويو ۽ ’تمام بهتر انداز ۾ شفاف چونڊون ڪرائڻ جي ذميواري‘ پوري ڪرڻ کانپوءِ کيس ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي گهرو وزارت جي ذميواري ۽ ڪرڪيٽ ڪنٽرول بورڊ جي سربراهي به ڏني وئي. بلڪه گذريل ڪجهه عرصي دوران ته سندس دائره ڪار سفارتي معاملن تائين به وڌايو ويو. اهڙو قابلِ اعتماد شخص جيڪڏهن هڪ پيغام به مناسب نموني عوام يا لاڳاپيل اڳواڻن تائين نه پهچائي سگهي ته پوءِ سندس حيثيت جو جائزو وٺڻو ئي پوندو. شايد ان ڪري هن پنهنجي پهرين بيان کان رجوع ته نه ڪيو، پر ان جي اهڙي وضاحت پيش ڪئي، جيڪا ان بيان تي تبصرو ڪندڙ ڪنهن تجزيه نگار، رپورٽر يا سياسي ماهر جي وهم ۽ گمان ۾ به نه اچي سگهي هئي. ان وضاحت لاءِ هن ڪنهن اعليٰ سطحي ڪانفرنس جو انتخاب ڪرڻ بدران پنهنجي آفيس مان نڪرندي ٻن صحافين کي هلڪي انداز ۾ سوال ڪرڻ جي ’اجازت‘ ڏني، ته جيئن پنهنجي دامن تي لڳل داغ صاف ڪري سگهي. ان موقعي تي شايد اتفاق سان موجود ٻن صحافين، شايد رڳو ڳالهه ٺاهڻ لاءِ، پڇيو هوندو ته ’نظام ڊهي چڪو آهي‘ واري بيان کانپوءِ چيو پيو وڃي ته توهان حڪومت کي چارج شيٽ ڪري ڇڏيو آهي ته گهرو وزير ترت جواب ڏنو ته ’مان پنهنجي ڳالهه تي قائم آهيان ته نظام تباهه ٿي چڪو آهي، پر مون 80 سالن جي نظام جي تباهيءَ جي ڳالهه ڪئي آهي. مان سمجهان ٿو ته 80 سالن کان نظام تباهه آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اهو صحيح نموني هلي رهيو هجي ها ته اسان اڄ ڪٿي کان ڪٿي پهچي وڃون ها. مون حڪومت کي چارج شيٽ ناهي ڪيو. مان پاڻ حڪومت جو حصو آهيان، پاڻ کي ته چارج شيٽ نه ڪندس.‘ ان سان گڏ هن وڌيڪ چيو ته ’توهان وٽ اهڙو وزيراعظم آهي، جيڪو 14 کان 16 ڪلاڪ ڪم ڪري ٿو ۽ جيڪڏهن اهي شيون بهتر ٿي وڃن ته هڪ هزار ڀيرا بهتر نتيجو سامهون ايندو. انهن حالتن ۾ به توهان ڏسو ته ايف بي آر آمدني ڪيتري وڌائي ورتي آهي، اسان جنگ کٽي آهي ۽ ڏسو ته سفارتي لحاظ کان ڪٿان کان ڪٿي پهچي چڪا آهيون ۽ ايتريون سڌارا ٿي چڪا آهن. مان اڄ به سمجهان ٿو ته جيڪڏهن وزيراعظم کي درست نظام ملي ها ته هو ملڪ کي 100 ڀيرا وڌيڪ تيزيءَ سان اڳتي وٺي وڃي ها.‘ ان سان گڏ پنهنجي نوڪري جي تصديق لاءِ محسن نقوي وڌيڪ چيو ته ’ماڻهن جي وڏي خواهش آهي ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان منهنجا ۽ وزيراعظم جا لاڳاپا خراب ٿي وڃن، پر ائين نه ٿيندو.‘

بهرحال، جيڪڏهن وزيراعظم ۽ گهرو وزير جي نوڪرين وچ ۾ مقابلي واري صورتحال پيدا ٿي وئي ته لڳي ٿو ته شهباز شريف جو پلڙو ڳرو رهندو. شايد ان ڪري ئي محسن نقوي هاڻي کيس حيرت انگيز ڪارناما انجام ڏيندڙ وزيراعظم طور پيش ڪري پشيمانيءَ جو اظهار ڪري رهيا آهن.

پاڪستان پيپلز پارٽي ڪنهن به صورت ۾ انهن حقن جو تحفظ ڪرڻ چاهي ٿي، پر ان سان گڏ اها ڪمزور مرڪز، وسيلن جي غيرمتوازن ورڇ ۽ مقامي سطح تائين وسيلن جي منتقلي بابت ڪو واضح منصوبو سامهون آڻي نه سگهي آهي. مسلم ليگ (ن) لاءِ به پنجاب جي ورهاست تي راضي ٿيڻ جو مطلب حقيقت ۾ ڪجهه ضلعن جي بنياد تي ملڪ ۾ حڪومت ٺاهڻ جي موقعي کان محروم ٿيڻ هوندو. ان ڪري مزاحمت اتيان به ٿي رهي هوندي. البت قياس ڪري سگهجي ٿو ته محسن نقوي کي ’نظام ڊهي وڃڻ‘ واري تقرير ذريعي آصف زرداري ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي کي پيغام ڏيڻ لاءِ چيو ويو هو، پر محسن نقوي ان کي اهڙي انداز ۾ پيش ڪري ڇڏيو، جو ويچاري شهباز شريف جي ڪرسي ئي لُڏڻ لڳي.

ارڙهين آئيني ترميم وانگر هاڻي انتظامي يونٽن جي نالي تي ملڪ ۾ صوبن جو تعداد وڌائڻ وارو اُٺ ڪنهن به پاسي ويهڻ جو امڪان نظر نٿو اچي. حڪومت جون سموريون ذميواريون نڀائڻ ۽ ويجهي مستقبل ۾ دفاعي معاهدن تحت وسيلن ۾ واڌ جا نوان امڪان پيدا ٿيڻ سبب، ملڪ جي فوجي اسٽيبلشمينٽ هر حال ۾ هن مسئلي جو ڪو قابلِ قبول حل ڳولڻ چاهي ٿي. اندروني سطح تي ٿيندڙ ڳالهين ۾ ڪو حل نه ملڻ کانپوءِ تقريرن ۽ پريس ڪانفرنسن جو سلسلو شروع ٿيو آهي. شهباز شريف مبارڪباد جا مستحق آهن ته هن معاملي ۾ سندس نوڪري ويندي ويندي بچي وئي. هاڻي ڪير ڄاڻي ته نظام يا ان جون خرابيون ڪيئن ختم ٿينديون، اسان وٽ ته ’پيار جي چٺي‘ اچي وئي آهي.

You might also like