ڪراچي ۾ قتل ٿيل پورهيت جو لاش ڏيپلو پهتو، ماحول سوڳوار

ڏيپلو(رپوٽر) بابا ڳوٺ اچو برسات پئي آهي، پيءُ جو لاش ڏسي ڪهرام مچي ويو، ڏيپلو واسي پورهيت ڪراچي ۾ مبينا ڦر مزاحمت تي گوليون هڻي قتل، لاش ڳوٺ پهچڻ تي ماحول سوگوار بڻجي ويو، ڏيپلو جي ڳوٺ ويڙيجهپ جو رھواسي پورهيت نوجوان ميوو مل ميگهواڙ کي ڪراچي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي ڦورن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، نوجوان کان رات جوڪراچي ۾ جوابدارن پئسا ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي نوجوان انهن سان مزاحمت ڪئي ته جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو، اطلاع تي ڀرپاسي ۾ رهندڙ ٿر جا نوجوان پهچي اسپتال کڻي ويا پر زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ فوت ٿي ويو، جناح اسپتال مان قانوني ڪارروائي مڪمل ڪرڻ بعد لاش ڳوٺ اماڻيو ويو، لاش ڳوٺ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، ڳوٺ جو ماحول سوگوار ٿي ويو، وارثن جو چوڻ آهي ته هڪ ڏينهن اڳ فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي ٻارن چيو ته بابا ڳوٺ اچو برسات وٺي آهي کنڀين جي ڀاڄي کائي پوءِ ڀلين واپس وڃجو، ٻارن پيءُ جو لاش ڏسي بي هوش ٿي ويا، نوجوان جون آخري رسمون سندس اباڻي ڳوٺ ويڙيجهپ ۾ ادا ڪيون ويون، آخري رسمن ۾ سياسي، سماجي، دوستن عزيزن سميت سوين ماڻهن شرڪت ڪئي.

You might also like