حيدرآباد ( رپورٽر) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ جي لتاڙ خلاف سنڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽي جي احتجاجي ڪيمپ ڪالهھ 15 ڏينھن به جاري رھي. اڌ مھينو گذري وڃڻ باوجود حڪومت جي ڪنھن به نمائندي شاگردن جي سار نه لڌي، ھر گذرندڙ ڏينھن شاگردن کي نوان حوصلا ڏئي رھيو آھي ۽ نعرن ، انقلابي گيتن سان گڏ شاگردن شاگرد جدوجھد جي عالمي انقلابي تحريڪن ۽ سنڌ جي مزاحمتي نظرياتي سياسي تاريخ تي اسٽڊي سرڪل شروع ڪيو آھي ، سان ڳالهائيندي شاگرد اڳواڻن چيو ته ميرٽ جي لتاڙ خلاف ھي تحريڪ شاگردن جي جدوجھد جي تاريخ جو نه وسرندڙ باب ثابت ٿيندي ڪالھ جمع ڏينھن ڪيمپ تي نامياري دانشور جامي چانڊيو ، منير چانڊيو ، عبدالغفار بلوچ، زاھد مغيري ، نياز حسين ، غلام نبي ، ترقي پسند اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي صدر عرفان بروھي ۽ آل پاڪستان ڪلرڪ ايسوسيئيشن جي وفد سميت وڪيلن ، اديبن ۽ سياسي ڪارڪنن جي اڳواڻن پھچي شاگردن کي پنھنجي حمايت جو يقين ڏياريو. ھوڏانھن سنڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن فخرالزمان ڪلھوڙو ، سڪيلڌو چانڊيو، زيب الله مستوئي، وجاھت ھنڱورو، حنيف جوکيو ، حسين بخش چانڊيو ، اياز گل رستماڻي، فرمان علي ملغاڻي چيو ته نوجوانن جي ھي تحريڪ سنڌ جي تعليمي مستقبل کي بچائڻ لاءِ آھي اسين شاگرد جدوجھد جي ھڪ نئين تاريخ لکي رھيا آھيون .