جلال پور ڪئنال ۽ ٻن صوبن ۾ وڌندڙ بي اعتمادي

نصير ميمڻ

تازو آزمائشي بنيادن تي شروع ڪيل جلال پور ڪينال پنجاب ۽ سنڌ وچ ۾ هڪ نئون تڪرار پيدا ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ حڪومت پاران منصوبي خلاف اعتراضن تي ٻڌل هڪ سمري 2024ع کان ڪائونسل آف ڪامن انٽرسٽس (سي سي آءِ) وٽ اڳ ئي التوا ۾ پيل آهي. سنڌ شروعات کان ئي هن منصوبي تي اعتراض اٿاريندي رهي آهي، پر انهن اعتراضن کي مسلسل نظرانداز ڪيو ويو آهي. جهلم درياهه تي رسول بئراج جي ساڄي ڪناري کان نڪرندڙ 117 ڪلوميٽر ڊگهي مين ڪينال، جنهن جي ڊيزائن ڊسچارج گنجائش 1,350 ڪيوسڪ آهي، جو مقصد پنجاب جي پوٽوھار پليٽو ۾ لڳ ڀڳ 68 هزار هيڪٽر قابلِ پوکي ايراضي کي خريف جي موسم دوران آبپاشي فراهم ڪرڻ آهي. هن منصوبي مان خاص طور پنڊ دادن خان ۽ خوشاب جا علائقا فائدو وٺندا.

ايشيائي ترقياتي بئنڪ پنجاب حڪومت کي هن منصوبي جي ڊيزائن ۽ تعمير لاءِ مالي سهڪار فراهم ڪيو آهي. پنجاب جو موقف آهي ته نئين ڪينال لاءِ پاڻي سندس پنهنجي حصي مان اندروني ايڊجسٽمينٽ ذريعي فراهم ڪيو ويندو. پر سنڌ سوال اٿاريو آهي ته هر سال لڳ ڀڳ 5 لک ايڪڙ فوٽ اضافي پاڻي ڪٿان ايندو؟

پنجاب 1991ع جي پاڻي ٺاهه تحت کيس مختص ڪيل سمورو پاڻي اڳ ئي ورهائي چڪو آهي. اندروني ايڊجسٽمينٽ جو مطلب اهو ٿيندو ته ڪنهن ٻئي ڪينال جي ڪمانڊ ايريا جي پاڻي واري حصي ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي. عوامي طور دستياب منصوبي جي دستاويزن ۾ اهڙي ڪنهن بئراج يا ڪينال جو ذڪر موجود ناهي، جيڪو پنهنجي پاڻي جي حصي کان دستبردار ٿيڻ لاءِ تيار هجي. مختص ٿيل پاڻي کي ٻي طرف منتقل ڪرڻ سان لاڳاپيل ڪمانڊ ايريا پنهنجي آبپاشي جي حصي کان محروم ٿي ويندو. انڊس رور سسٽم اٿارٽي (ارسا) سيپٽمبر 2014ع ۾ منصوبي لاءِ اين او سي جاري ڪندي اها شرط رکي هئي ته ڪينال لاءِ پنجاب پنهنجي حصي جو پاڻي استعمال ڪندو. سنڌ جو ميمبر واحد اختلاف ڪندڙ آواز هو، پر 4-1 جي اڪثريت سان کيس رد ڪيو ويو. تنهن هوندي به ارسا اهو سوال نه اٿاريو ته پنجاب پنهنجي موجوده ڪينالن جي پاڻي جي ورڇ ۾ اهڙي اندروني ايڊجسٽمينٽ ڪيئن ڪندو، جنهن سان موجوده ڪمانڊ ايرياز متاثر نه ٿين. منصوبي ۾ معمول کان تمام گهڻي پاڻي جي گنجائش پڻ رکي وئي آهي. ڪينال کي هر هزار ايڪڙ لاءِ لڳ ڀڳ 6.75 ڪيوسڪ پاڻي جي الاٽمينٽ مطابق ڊزائين ڪيو ويو آهي، جيڪا سنڌ جي ڪينال نظام لاءِ مقرر ڪيل هر هزار ايڪڙ تي 2.75 ڪيوسڪ جي ڀيٽ ۾ لڳ ڀڳ اڍائي ڀيرا وڌيڪ آهي.

سنڌ اسيمبلي 22 نومبر 2021ع جي اجلاس ۾ آبپاشي واري وزير ڄام خان شوري ۽ ٻين ڪيترن ئي ميمبرن جي پيش ڪيل قرارداد متفقه طور منظور ڪئي هئي، جنهن ۾ جلالپور ڪينال ۽ گريٽر ٿل ڪينال (فيز-2) تحت چوبارا برانچ ڪينال منصوبي جي تعمير تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو هو. قرارداد ۾ وفاقي حڪومت تي پڻ تنقيد ڪئي وئي هئي ته سنڌ جي قانوني اعتراضن باوجود تڪراري منصوبي تي مبينا طور عملدرآمد ڪيو پيو وڃي. سنڌ اسيمبلي منصوبي کي 1991ع جي پاڻي ٺاهه ۽ ارسا ايڪٽ 1992ع جي ابتڙ قرار ڏنو هو. ان کان اڳ سنڌ حڪومت پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ کاتي ذريعي 2018ع جي شروعات ۾ ٿيل ايڪنڪ اجلاس ۾ پڻ اعتراض اٿاريا هئا. صوبائي حڪومت 11 نومبر 2021ع تي وفاقي وزارتِ منصوبابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري سيڪريٽري کي خط پڻ لکيو هو، جنهن ۾ جلالپور ڪينال بابت خدشن کان آگاهه ڪيو ويو. ڪينال کي اپريل کان آڪٽوبر تائين غير مستقل بنيادن تي آبپاشي فراهم ڪرڻ لاءِ ڊزائين ڪيو ويو آهي. خريف جي شروعاتي مهينا اپريل ۽ مئي انتهائي اهم هوندا آهن، ڇاڪاڻ ته ان عرصي دوران سنڌو درياهه جي نظام ۾ پاڻي جي شديد کوٽ ٿيندي آهي.

سنڌ حڪومت پاران سي سي آءِ کي موڪليل سمري ۾ گذريل ٻن ڏهاڪن دوران پاڻي جي کوٽ جا انگ اکر پڻ پيش ڪيا ويا آهن. سنڌ ڪيترن ئي سالن دوران خريف جي شروعاتي مهينن ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏنو آهي. هلندڙ سال به خريف جي شروعاتي مهينن دوران ڪوٽڙي بئراج وٽ سنڌ کي پاڻي جي کوٽ 65 سيڪڙو تائين پهتي. جلالپور ڪينال ذريعي وڌيڪ 1,350 ڪيوسڪ پاڻي منتقل ڪرڻ سان سنڌ جي فصلن لاءِ تباهي واري صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ خريف جا فصل پنجاب جي ڀيٽ ۾ اڳ ۾ پوکيا ويندا آهن. سنڌ کي خدشو آهي ته پنجاب وٽ نظام ۾ ڪو به فالتو پاڻي موجود نه هجڻ سبب آخرڪار جهلم زون جون اضافي پاڻي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ چشما-جهلم ۽ تونسا-پنجند لنڪ ڪينالن ذريعي سنڌو درياهه مان وڌيڪ پاڻي منتقل ڪيو ويندو. ان جو سڀ کان وڏو نقصان آخرڪار سنڌو ڊيلٽا کي برداشت ڪرڻو پوندو، جيڪو اڳ ئي سال جي وڏي حصي دوران تمام گهٽ يا تقريباً نه هجڻ جي برابر مٺو پاڻي حاصل ڪري ٿو ۽ مسلسل ماحولياتي تباهي جو شڪار آهي. مٺي پاڻي جي وهڪري ۾ وڌيڪ گهٽتائي ڊيلٽا جي نازڪ ماحولياتي نظام کي وڌيڪ تباهه ڪندي، سمنڊ جي پاڻي جي زمينن ۾ داخل ٿيڻ جي عمل کي تيز ڪندي ۽ ڊيلٽا ۾ رهندڙ ماڻهن جي روزگار کي وڌيڪ متاثر ڪندي.

سي سي آءِ آئين جي آرٽيڪل 154 تحت صوبن وچ ۾ پاڻي جي ورڇ بابت تڪرارن کي حل ڪرڻ جو آئيني فورم آهي. افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته سنڌ جي سمري سي سي آءِ جي مداخلت جي منتظر هئي، پر ان دوران ڪينال تعمير ڪيو ويو. اهو عمل وفاقي نظام جي روح جي ابتڙ آهي. اهڙا واقعا ارسا ۽ سي سي آءِ جهڙن ادارن جي ساک کي نقصان پهچائين ٿا ۽ وفاق ۽ وفاقي وحدتن وچ ۾ اڳ ئي موجود بي اعتمادي کي وڌيڪ گهرو ڪن ٿا.

You might also like