حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد جي ٽرانسجينڊرس ( کدڙن فقيرن) چيو آھي ته ايس ايس پي آفيس ۾ چائلڊ اينڊ وومين پروٽيڪشن سيل جي اڳوڻي انچارج ماريہ ساريو جي چوڻ تي آفيس ۾ ٿيل ڀڃ ڊاھ واري واقعي تي ھو معافي وٺي چڪا آھن ، ماريه ساريو کين لڳاتار هراسان ڪري رھي آھي ، ھو گھري کائڻ وارن مان آھن پوليس خلاف ٻيھر احتجاج جو سوچي به نه ٿا سگھن کين تحفظ ۽ انصاف ڏنو وڃي ڪالھ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس، ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي حيدرآباد کي ڪيس مان آجو ڪري پرامن زندگي گذارڻ جي اجازت ڏيڻ جي اپيل ڪئي آھي ايس ايس پي آفيس حيدرآباد ۾ پوليس کاتي جي برطرف ٿيل ليڊي جونيئر ڪلارڪ ماريه ساريو جي حق ۾ احتجاج ڪري ھل ھنگامو ۽ ڀڃ ڊاھ ڪرڻ واري ڪيس ۾ نامزد 14 کدڙن فقيرن پنڪي فقير، پري، زارا، مسڪان ۽ ٻين ڪالھ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان کي ماريه ساريو غلط طريقي سان استعمال ڪري وئي، اسان سماج جا ستايل انسان آھيون، اسان سان وڏو ظلم ٿي ويو آھي. ھنن چيو ته پوليس کاتي جي اڳوڻي ليڊي جونيئر ڪلارڪ ماريه ساريو کين ورغلائي ايس ايس پي حيدرآباد جي آفيس ۾ وٺي آئي ھئي ۽ ان جي چوڻ تي اسان سڀ ڪجھ ڪيو ھو. ھنن چيو ته ھاڻ اسان داخل ٿيل ڪيس ۾ وعده معاف گواھ بڻجڻ لاء تيار آھيون. آءِ جي سنڌ پوليس، ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي حيدرآباد اسان کي معافي ڏئي ڪيس مان آجو ڪري ھو پرامن زندگي گذارڻ چاھين ٿا . ھنن چيو ته اسان کدڙن زندگي ۾ ڪڏھن به ٿاڻا، ڪورٽ ۽ جيل نه ڏٺا ھئا پر ماريه ساريو اسان کي اھي سڀ ڏيکاري ڇڏيا آھن. جنھن اسان کي ورغلائي ڦاسائي ڇڏيو آھي. ھنن چيو ته اسان کدڙا فقير سڀ کان پھريان پنھنجي گھرڀاتين ۽ ان کانپوء سماج جا نظر انداز ٿيل ماڻھو آھيون، ان ڪري اسان تي رحم ڪيو وڃي اسان کي وڌيڪ اذيت نه ڏني وڃي. ھنن چيو ته ماريه ساريو اسان کي استعمال ڪري ھاڻ اسان جي خلاف ٿي وئي آھي، جيڪا اسان تي حملو پڻ ڪري چڪي آھي، ماريه ساريو مان اسان جي زندگين کي پڻ خطرو آھي. جڏھن ته پريس ڪانفرنس ڪرڻ کانپوء کدڙا فقير ايس ايس پي حيدرآباد جي آفيس آڏو پھچي احتجاجي مظاھرو ڪيو. جتي کدڙن فقيرن سان ايس ايڇ او ڪينٽ مصطفيٰ ڪنڀر ۽ ايس ايڇ او منير عباسي ڳالھيون ڪرڻ لاء ايس ايس پي آفيس جي اندر وٺي ويا. جتي کدڙن سان ڳالھيون ڪيون ويون.