حيدرآباد جي عدالت ۾ وڪيلن قيدين کان پيرن تي جهڪائي معافي وٺرائي

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد جي عدالت ۾ ھَٿڪڙيون لڳل قيدين تي تشدد، تذليل ۽ اُنھن کي زبردستي جُھڪائي پيرن تي ڪيرائي مُعافيون وٺرائڻ واري وڊيو وائرل ٿي وئي، صحافين، سياسي سماجي توڙي ساڃاهه وندن پاران ان واقعي جي مذمت ڪئي وئي آهي، هنن چيو ته جيڪڏھن وڪيل به ظالم وڏيرن ۽ ڀوتارن وارا ڪم ڪندا ته پوءِ قانون ۽ انصاف جي اُميد ڪنھن مان لڳائي سَگھجي ٿي، اسان چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ کي اَپيل ڪريون ٿا ته ھِن مُعاملي جو سَنجيدگي ۽ سَختيءَ نوٽيس ورتو وڃي ۽ جيڪي به وڪيل ھِن سَنگين ڏوھ ۾ مُلوث آھن، تن جا لائيسنس مُعطل ڪري وڪالت تي بندش لڳائي وڃي، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته سيشن ڪورٽ حيدرآباد جي اڱڻ ۾ نوجوان وڪيلن پاران عدالت جي اڱڻ اندر ئي  پيشي تي آيل جوابدارن کي پوليس اھلڪارن جي سامھون زبردستي وڪيلن جي پيرن تي ڪري معافي گهرائڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آھي وڊيو ۾ ڏٺو ويو ته  ڪجهه وڪيلن پاران جوابدارن تي تشدد ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي وئي، سينيئر وڪيل انيلا جيسڪاڻي ۽ افضل گجر مداخلت ڪندي ڪاوڙيل وڪيلن کي وڌيڪ ڏڦيڙ کان روڪي ڇڏيو، پوليس ٽيم وڪيلن کي روڪڻ بدران کين منٿون ڪندي رهي، اھڙي معاملي جي سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿين کانپوءِ سينيئر وڪيلن سميت سماج جي مختلف مڪتب فڪر جي ماڻھن وڪيلن جي اھڙي رويي تي ڏک جو اظهار ڪيو، وڪيل اڳواڻن کي اَپيل ڪريون ٿا ته عوام جُون توھان سان مُحبتون عوامي جُدوجھد جي ڪري آھن، پر جيڪڏھن توھان به غنڊا گردي ۽ دھشت گرديءَ جو رستو اختيار ڪندا ته پوءِ عوام جا ھَٿ توھانجي ڳچيءَ ۾ ھُوندا، ٻئي پاسي سنڌ بار ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي پاران حيدرآباد ۾ ٻن وڪيلن پاران هٿڪڙيون لڳل قيدين سان غير اخلاقي ۽ غير آئيني رويو اختيار ڪرڻ ۽ پيرن تي معافي وٺرائڻ واري واقعي تي ڪارروائي ڪندي ٻن وڪيلن طلال احمد جمالي ۽ شهزور پنهور جي  فوري طور تي ٽن مهينن لاءِ بار ۾ داخلا ۽ وڪيل جي يونيفارم پائڻ تي پابندي مڙهيندي سندن لائسنس جي منسوخي سميت ٻي وڌيڪ ڪارروائي لاءِ سنڌ بار ڪائونسل جي ڊسپيلينري ڪاميٽي کي ليٽر موڪليو ويو، سينيئر ايڊووڪيٽ انيلا جيساڻي کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي 15 ڏينهن اندر وضاحت طلب ڪئي وئي آهي.

You might also like