آزاد ڪشمير ۾ چونڊون هارائڻ ۽ حڪومت ٺاهڻ جوڳيون سيٽون حاصل نه ڪرڻ تي پ پ پ، ن ليگ تي سخت ڪاوڙيل نظر اچي رهي آهي. نتيجا قبول ڪرڻ بدران ن ليگ جي وفاق ۾ حڪومت ڊاهڻ لاءِ محاذ جوڙڻ ۽ ابتي سبتي ڳڻپ واري سوچ سامهون آندي آهي. اهڙو اعلان نه صرف پ پ پ جي چيئرمن جناب بلاول ڀٽو زرداري ڪري چڪو آهي، پر سنڌ جي سينئر وزير شرجيل ميمڻ سميت پ پ پ جي قيادت، وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن پاران پڻ ڪيو ويو آهي، جنهن وفاقي حڪومت، خاص ڪري ن ليگ جي صفن ۾ هڪ قسم جو ٿرٿلو ۽ خوف وجهي ڇڏيو آهي. ابتي ڳڻپ شروع ٿئي يا سبتي ڳڻپ، بهرحال ڳڻپ جي اندروني شروعات ٿي چڪي آهي، جنهن جا نتيجا ڪجهه ڏينهن ۾ منظر عام تي اچڻ شروع ٿي ويندا. ابتي سبتي ڳڻپ جو اهڙو طوفان اچڻ جا اشارا ملي رهيا آهن، مرحوم پير صاحب پاڳاري سيد شاهه مردان شاهه جي قول مطابق: "جيڪي بچندا، سي ئي حڪومت ڪندا.” اهي پڻ اطلاع آهن ته سنڌ اسيمبلي ۾ سيد محسن نقوي جي ڏنل اهڙي بيان تي بحث ڪرڻ ۽ بيان خلاف قرارداد پاس ڪرڻ لاءِ اجلاس سڏائڻ تي غور ٿي رهيو آهي، رڳو پارٽي قيادت جي اشاري ملڻ جو انتظار آهي.
وفاقي سرڪار جي هڪ انتهائي سينئر ۽ اهم عهدي تي فائز وفاقي وزير سيد محسن نقوي جو ملڪي نظام جي تباهي ۽ نون صوبن جي قيام وارو بيان اچڻ، اهڙي بيان تي طاقتور حلقن جو محتاط ردعمل اچڻ، وڌيڪ صوبن جي قيام بابت وضاحتون پيش ڪرڻ ۽ خود ن ليگ اندر کان به وفاقي وزير جي ڏنل بيان تي خدشا ظاهر ۽ لاتعلقي ظاهر ڪرڻ، ساڳئي وقت ن ليگ جي صدر ميان محمد نواز شريف پاران وزيرن کي بيان بازي کان محتاط رهڻ جي هدايت کي به نظرانداز ڪري نٿو سگهجي. ن ليگ جي خواجا محمد آصف، سنڌ سان لاڳاپيل وفاقي وزير کيئل داس ڪوهستاني ۽ گورنر سنڌ جناب سيد نهال هاشمي پاران سيد محسن نقوي جي بيان کي رد ڪرڻ ۽ سخت ردعمل ڏيکارڻ کي به نظرانداز ڪري نٿو سگهجي، جن نون صوبن جي قيام جي سخت مخالفت ڪئي آهي؛ سواءِ ايم ڪيو ايم جي، جنهن سيد محسن نقوي جي ڏنل بيان تي خوشيون هنيون ۽ مرڪز تي اجلاس ڪوٺايا. گلگت يا آزاد ڪشمير جون چونڊون ايتريون اهم ناهن، جيترو ملڪ ۽ صوبن جي بقا ضروري آهي، جن ووٽ ڏئي پاڪستان جو وجود آندو، هزارين ماڻهن جانين جون قربانيون ڏنيون ۽ فرنگين کي مجبور ۽ بيوس ڪيو. ملڪ جو آئين چوي ٿو ته نون صوبن جي قيام لاءِ صوبائي اسيمبلين ۾ پهرين ٺهراءُ آڻڻ ۽ پاس ڪرڻ ضروري آهي، جنهن لاءِ سنڌ، ڪي پي ۽ بلوچستان جون اسيمبليون ڪڏهن به پنهنجي وجود تان هٿ نه کڻنديون. هن خدشي کي نظر ۾ رکندي صوبائي اسيمبلين جا اهڙا اختيار واپس وٺڻ لاءِ 28 هين ترميم آڻڻ جون تياريون آڳاٽيون جاري آهن، پر مناسب وقت ۽ حمايت حاصل ڪرڻ جو انتظار آهي. جيڪڏهن ن ليگ، پ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم اقتدار جي انڌي هوس ۾ اچي ٽپهريءَ تي روزو ٽوڙين ٿيون، ته ترميم آساني سان پاس ٿي ويندي؛ ٻي حالت ۾ نون صوبن جي قيام لاءِ نوان طريقا متعارف ڪرايا ويندا، جنهن ۾ سخت کان سخت احتساب شامل هوندو، جنهن کي بلاول ڀٽو ابتي سبتي ڳڻپ جو نالو ڏئي چڪو آهي.
ممڪن آهي ته ابتي سبتي ڳڻپ سان نئون سيٽ اپ اچي، نوان صدر، نوان وزيراعظم، نوان وڏا وزير، نوان گورنر ۽ نوان اسيمبلي ميمبر اچن، جيڪي اهڙي قسم جي ترميم ڪن؛ ۽ اهو پڻ ممڪن آهي ته سوديبازيون به ٿين ۽ ابتي ڳڻپ رڪجي به وڃي. هونئن به ماضي ۾ اهڙا تجربا ٿي چڪا آهن، پنهنجي مرضي جون حڪومتون آنديون ويون آهن، جن جو حشر نشر پوري دنيا ڏٺو. ون يونٽ وارو تجربو به بري طرح ناڪام ويو، ملڪ هلي نه سگهيو، تڏهن به نظام تباهه رهيو ۽ ملڪ جو هڪ اهم صوبو هٿن مان هليو ويو. نون صوبن کي هلائڻ لاءِ به وسيلن ۽ افرادي قوت جي ضرورت هوندي آهي. جنهن ملڪ جي معاشي ۽ مالي حالت اڳ ۾ ئي تباهه هجي، اتي صوبن جو نظام هلائڻ مشڪل آهي. ويتر ملڪ بدنظمي، بدحالي، بک ۽ بيروزگاري جو شڪار ٿيندو، عام ماڻهو باغي ٿيندو ۽ اهڙو تجربو ملڪ لاءِ انتهائي ڏکيو ۽ ناڪام ثابت ٿيندو.
پ پ پ جي چيئرمن بلاول ڀٽو زرداري جو ابتي ڳڻپ شروع ٿيڻ وارو بيان سندس ذاتي يا پارٽي جو سمجهيو وڃي، پر ملڪ جي وحدت جو سرچشمو يعني صدر مملڪت جناب آصف علي زرداري جو وفاقي گهرو وزير سيد محسن نقوي جي ڏنل اهڙي بيان تي ڪو خاص ردعمل نه اچڻ، يا خود بلاول ڀٽو جو اهڙي بيان کي ظاهري طور نندڻ يا پنهنجو صاف موقف ڏيڻ باوجود، خود پ پ پ جي ڏکڻ پنجاب سان واڳيل قيادت نون صوبن جي قيام جي حق ۾ آهي. پ پ پ سنڌ جي قيادت ته نون صوبن جي قيام تي پنهنجي ڳڻتي ظاهر ڪري چڪي آهي، پر مرڪزي قيادت، خاص ڪري جناب بلاول ڀٽو کي به پنهنجو واضح موقف ظاهر ڪرڻ گهرجي ته هو نون صوبن کي ڪهڙي حد تائين ضروري سمجهي ٿو. باقي ابتي سبتي ڳڻپ سان ننڍن صوبن جي عوام کي ڪا به دلچسپي ناهي، هنن کي پنهنجو وجود، پنهنجا آئيني حق ۽ وسيلا گهرجن. ابتي سبتي ڳڻپ سان وري به اهي ئي فائدي ۾ ويندا، جن جا پنهنجا وسيع مقصد هوندا. تجويز ڪيل ڳڻپ سان جيڪڏهن ڪو ڪڙو احتساب ٿئي ٿو، ته وڏي انگ ۾ برک سياستدان ۽ اسيمبلي ميمبر پنهنجو وجود وڃائي ويهندا، ڪال ڪوٺڙين ۾ پيا سڪندا ۽ سڙندا، ۽ ٿي سگهي ٿو ته اهي پارٽي وفاداريون به بدلائين جيئن ماضي ۾ ٿيو آهي. پ پ پ کي ابتي سبتي ڳڻپ واريون ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجن؛ البته، جيڪڏهن پ پ پ سمجهي ٿي ته 2024 واريون چونڊون به ڌانڌلين جو شڪار ٿيون هيون، ته ان ڏوهه جو پ پ پ قيادت کي پاڻ به اعتراف ڪرڻ گهرجي جو اهڙيون چونڊون قبول ڪيون ويون، ن ليگ جي حڪومت جو ساٿ ڏنو ويو، پنهنجا وڏا وزير ۽ گورنر لڳرايا ويا ۽ آئين ۾ ترميمون آڻائي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڏنل 73 واري آئين ۽ عدالتي نظام کي ڪمزور کان ڪمزور ڪيو ويو.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جيڪڏهن ن ليگ ۽ پ پ پ ملڪ جي موجوده سيٽ اپ تي متفق آهن ۽ پنهنجو مدو پورو ڪرڻ چاهين ٿيون، ته نون صوبن جي قيام جي مخالفت ڪرڻ سان گڏ نون صوبن جي حق ۾ بيان ڏيندڙن خلاف آئيني قدم کڻڻ لاءِ گڏيل راءِ هموار ڪن. باقي ملڪي نظام بچائڻ لاءِ وڌيڪ صوبن يا انتظامي يونٽن يا ابتي سبتي ڳڻپ وارو نظام ضروري ناهي، جيڪو عوام جو ڌڪاريل نظام آهي. موجوده نظام کي تحفظ ڏيڻ لاءِ بااختيار آئين، بااختيار چونڊ ڪميشن ۽ بااختيار عدالتي نظام ئي واحد حل آهي. پ پ پ لاءِ بهتر اهو آهي ته هوءَ خودمختيار نظام ۽ ان تحت نين عام چونڊون سميت سياسي قيدين جي آزاديءَ جو مطالبو ڪري. جيڪڏهن اها سمجهي ٿي ته 2024 واريون عام چونڊون ۽ حڪومت ڌانڌلي جو نتيجو آهن، ته پوءِ اهڙين اسيمبلين تان مستعفي ٿي وڃي ۽ نين چونڊون لاءِ راهه هموار ڪري؛ ٻ صورت ۾ ابتي سبتي ڳڻپ پ پ پ لاءِ خود نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿي.