اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءُ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي سان بدترين ڌانڌلي ۽ ظلم ڪيو ويو، جڏهن ته وفاقي حڪومت جي اُبتي ڳڻپ شروع ٿي چڪي آهي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن الزام لڳايو ته آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جي اميدوارن کي هارائڻ لاءِ وفاقي حڪومت، پنجاب حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن وچ ۾ ڳٺ جوڙ ڪئي وئي.
شرجيل ميمڻ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري اڳ ئي وفاقي حڪومت کي چتاءُ ڏنو هو ته ڪشمير جون چونڊون انتهائي اهم آهن ۽ مسلم ليگ (ن) جي سياسي مفادن بدران ڪشميرين جي مفادن کي ترجيح ڏني وڃي، پر چونڊن ۾ ن ليگ جي مفادن کي اوليت ڏني وئي.
هن چيو ته اليڪشن ڪميشن 2024ع وارين عام چونڊن جي تاريخ ورجائي ۽ ن ليگ جي ”بي ٽيم“ بڻيل نظر آئي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان پيپلز پارٽي معاملي کي لاڳاپيل آئيني ۽ قانوني فورمن تي ثبوتن ۽ دليلن سان کڻندي.
شرجيل ميمڻ الزام هنيو ته ڪيترن ئي تڪن ۾ ڌانڌلي، اسٽيمپنگ ۽ ووٽنگ جي عمل ۾ بي ضابطگيون ٿيون، پر پيپلز پارٽي جي شڪايتن باوجود اليڪشن ڪميشن ڪو به نوٽيس نه ورتو.
هن چيو ته ايل اي-نائين نڪيال ۾ پيپلز پارٽي جي ڪارڪن مختار يونس کي قتل ڪيو ويو، جڏهن ته ايل اي-31 ۾ آزاد ڪشمير جي صدر تي حملي ۽ فائرنگ جي واقعن باوجود ڪنهن کي گرفتار نه ڪيو ويو.
شرجيل ميمڻ دعويٰ ڪئي ته ڪجهه هنڌن تي بيلٽ پيپر ٻه ڏينهن اڳ ئي مسلم ليگ (ن) جي اميدوارن کي فراهم ڪيا ويا هئا، جڏهن ته پنجاب پوليس ۽ ٻين ماڻهن تي جعلي ووٽ هڻڻ جا به الزام لڳايا.
هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي کي 2024ع جي چونڊن کانپوءِ ئي خبر هئي ته اها ”فارم 47 واري حڪومت“ آهي، تنهن ڪري پارٽي ان حڪومت جو حصو نه بڻي.
ڪشمير ۾ پيپلز پارٽي سان ظلم ٿيو، فارم 47 واري وفاقي حڪومت جي اُبتي ڳڻپ شروع ٿي چڪي آهي: شرجيل ميمڻ
You might also like