اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني مارڪيٽ ۾ ڪينسر جي علاج لاءِ استعمال ٿيندڙ ڀارتي ۽ ٻين پرڏيهي ڪمپنين جي نالي سان وڪرو ٿيندڙ غيرقانوني ۽ جعلي دوائن جو انڪشاف ٿيو آهي.
ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان (ڊريپ) ڪينسر جي علاج ۾ استعمال ٿيندڙ 9 دوائن کي جعلي ۽ غيرقانوني قرار ڏيندي انهن جي وڪري ۽ استعمال تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.
ڊريپ، ڊرگ ٽيسٽنگ ليبارٽري ڪراچي جي درخواست تي فوري نوعيت جو ريپڊ الرٽ پڻ جاري ڪيو آهي.
اختيارين موجب، اهي غيرقانوني ۽ جعلي دوائون ڀارتي، جرمن ۽ بنگلاديشي ڪمپنين جون ڄاڻايو ويون هيون، پر ڊرگ ٽيسٽنگ ليبارٽري جي جاچ دوران انهن دوائن جي نمونن ۾ گهربل ڪچي مال جي تصديق ناهي ٿي سگهي.
ڊريپ موجب، جعلي قرار ڏنل اهي دوائون جگر، گردن، ڦڦڙن، ٿائرائيڊ ۽ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي علاج لاءِ استعمال ٿينديون آهن، جن کي ڊرگ ايڪٽ 1976ع تحت جعلي ۽ غيرقانوني قرار ڏنو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته اهي غيرقانوني ذريعن سان مارڪيٽ ۾ فراهم ڪيون ويون هيون.
اداري خبردار ڪيو آهي ته انهن جعلي دوائن جو معيار ۽ اثر مڪمل طور غيرواضح آهي ۽ انهن جو استعمال مريضن جي صحت ۽ حياتي لاءِ انتهائي خطرناڪ ۽ موتمار به ثابت ٿي سگهي ٿو.
ڊريپ جعلي دوائن جي روڪٿام لاءِ هنگامي قدم کڻڻ جون هدايتون جاري ڪندي ريگيوليٽري فورس ۽ صوبائي ڊرگ ڪنٽرول ڊائريڪٽوريٽن کي مارڪيٽ ۾ نگراني وڌائڻ ۽ اهڙين دوائن جا سمورا بيچ فوري طور ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
ان کانسواءِ ڊسٽريبيوٽرز ۽ ميڊيڪل اسٽورن کي به هدايت ڪئي وئي آهي ته جيڪڏهن اهڙيون دوائون موجود هجن ته فوري اطلاع ڏين، جڏهن ته شهرين کي پڻ اپيل ڪئي وئي آهي ته ڪنهن به شڪي يا جعلي دوا بابت لاڳاپيل اختيارين کي ترت آگاهه ڪن.