پارليامينٽ ۽ سياسي پارٽيون موجود آهن، نقويءَ جو نون صوبن بابت بيان سمجهه ۾ نه آيو: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي نون انتظامي يونٽن يا صوبن جي قيام بابت بيان کي سمجهه کان ٻاهر قرار ڏئي ڇڏيو.
خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته محسن نقوي عجيب ڳالهه ڪئي آهي، مون سندس تقرير ٻڌي، پر سمجهه ۾ نه آيو ته هو ڇا چوڻ چاهي پيو، لڳي ٿو ته هو ڪا وڏي ڳالهه مختصر انداز ۾ چوڻ پيو چاهي، پر پنهنجي موقف کي واضح نه ڪري سگهيو.
هن چيو ته جڏهن هڪ ماڻهو بيان ڏئي ٿو ته اهو سندس ذاتي راءِ هوندي آهي، تنهن ڪري محسن نقوي کي پاڻ واضح ڪرڻ گهرجي ته سندس بيان مان اصل مراد ڇا هئي.
راڻا ثناءُ الله چيو ته ننڍن صوبن ۽ انتظامي يونٽن جي قيام جو طريقيڪار آئين ۾ موجود آهي، ان معاملي تي پارليامينٽ ۾ بحث ٿيڻ گهرجي، جڏهن ته حتمي فيصلو پارٽي قيادت ڪندي.
هن ياد ڏياريو ته 2013ع کان 2018ع تائين پنجاب ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت هئي، جنهن دوران هن پاڻ پنجاب ۾ ٻن صوبن جي قيام بابت ٺهراءُ ۽ لاڳاپيل ڪميشن جي تجويز پيش ڪئي هئي.
سندس چوڻ هو ته رڳو بيان ڏيڻ سان نوان صوبا ناهن ٺهي سگهندا، ان لاءِ قومي ڪميشن قائم ڪرڻي پوندي، جيڪا فنڊن، انتظامي معاملن ۽ ٻين آئيني رخن تي غور ڪندي.
راڻا ثناءُ الله چيو ته قومي ڪميشن ۾ قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ صوبائي اسيمبلين جي نمائندگي بابت به مشاورت ڪرڻي پوندي، ڇاڪاڻ ته نون صوبن جو قيام هڪ پيچيده معاملو آهي، جنهن تي سنجيده صلاح مشوري جي ضرورت آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ننڍا صوبا، مضبوط بلدياتي نظام يا ٻئي گڏ به ٿي سگهن ٿا، پر ان بابت فيصلو سياسي جماعتن کي ڪرڻو آهي.

 

You might also like