ووٽن تي ڌاڙو لڳو، رياست فيصلو ڪري ته قومي مفاد عزيز آهن يا ن ليگ ؟

مظفرآباد(ع آ نيوز) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ ميرپور ۽ ڪوٽلي جي ووٽن تي ڌاڙو هنيو ويو آهي، رياست کي اهو فيصلو ڪرڻو پوندو ته ان لاءِ قومي مفاد وڌيڪ اهم آهي يا مسلم ليگ (ن) جو مفاد. مظفرآباد ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آزاد ڪشمير ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ڇا ان کي جمهوريت جو نالو ڏئي سگهجي ٿو؟ هن ميرپور جي عوام جا ٿورا مڃيندي چيو ته هنن پنهنجي ووٽن سان پيپلز پارٽي کي اڪثريت ڏني، پر لڳي ٿو ته رياست جو هر فيصلو مسلم ليگ (ن) جي حق ۾ وڃي رهيو آهي، جنهن جو نقصان ڪشمير، پاڪستان ۽ انهن جي عوام کي ٿي رهيو آهي. هن چيو ته رياست کي اهو طئي ڪرڻو پوندو ته ان لاءِ قومي مفاد وڌيڪ اهم آهي يا مسلم ليگ (ن) جو مفاد. اسان قومي مفاد خاطر پاڪستان جي رياست سان گڏ بيٺل آهيون، نه ڪي مسلم ليگ (ن) جي مفاد لاءِ. اکيون کوليو، مسلم ليگ (ن) جي مفادن کي ترجيح ڏيڻ سبب پاڪستان جو ڪهڙو حال ٿيو آهي، ۽ ڪشمير سان ڇا ڪيو پيو وڃي؟ هي آزاد ڪشمير آهي، ان کي ڪڏهن به والاريل ڪشمير جهڙو بڻجڻ نه ڏينداسين. ڇا اهي چاهين ٿا ته پونڇ آزاد ڪشمير بدران والاريل ڪشمير جهڙو نظر اچي؟ بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته انٽرنيٽ بند ڪرڻ سان آزاد ڪشمير نه پر والاريل ڪشمير جو تاثر پيدا ٿيندو. ڇا توهان سمجهو ٿا ته سڀئي سياسي پارٽيون بيوقوف آهن؟ ڇا ڪشمير جا ماڻهو نٿا ڄاڻن ته انهن سان ڇا ٿي رهيو آهي؟ هن چيو ته ڌانڌلي جي اها ڪهاڻي اڄ کان شروع ناهي ٿي، قومي مفاد کي پوئتي ڌڪي مسلم ليگ (ن) جي مفادن کي ترجيح ڏيڻ جو سلسلو به اڄ کان شروع ناهي ٿيو. اسان کي گهرجي ته صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرايون وڃن، ۽ ڪشمير جي مقصد کي بچائڻ لاءِ پيپلز پارٽي جي مفاهمتي پاليسي کي قبول ڪرڻو پوندو.پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته اسان پنهنجن ئي ساٿين جون جانيون ضايع ٿيندي نه ڏسي سگهون ٿا. توهان پيپلز پارٽي جي هڪ ڪارڪن کي قتل ڪيو، پر ان باوجود انهن جون سڀئي ڪوششون ناڪام ٿيون. مان انهن کي نه ڇڏيندس ۽ توهان کي توهان جو حق وٺي ڏيندس.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سخت سيڪيورٽي هوندي به 30 پولنگ اسٽيشنن تي حملا ڪيئن ٿيا؟ جيڪڏهن هڪ يا ٻه تڪن ۾ اهڙو واقعو ٿئي ته ان کي اتفاق سمجهي سگهجي ٿو، پر سمورن 30 پولنگ اسٽيشنن تي حملا ڪيئن قبول ڪجن؟ هن الزام هنيو ته مرحليوار چونڊون ڌانڌلي ڪرڻ لاءِ ڪرايون ويون، ۽ انهن ماڻهن اهو ئي ڪيو جيڪو گذريل چونڊن ۾ به ڪيو هو. هاڻي ڪنهن کي به پنهنجي حق تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين.بلاول چيو ته اسان پرامن رهڻ چاهيون ٿا، اسان کي پرامن رهڻ ڏيو نه ته مان به صدر زرداري جو پٽ آهيان، مير مرتضيٰ ۽ شاهنواز جو ڀاڻيجو آهيان، مون کي پرامن رهڻ ڏيو ، مان شهيد بينظير جي سياست ڪرڻ چاهان ٿو، مون کي مجبور نه ڪيو ته مان به ٻي سياست ڪيان. هوڏانهن اي آر واءِ نيوز پروگرام ۾ ڳالهائيندي بلاول چيو ته چوڌري ياسين جي تڪ ۾ 30 پولنگن تي قبضو ڪيو ويو. ايجنٽن کي ٻاهر ڪڍيو ويو. هن چيو ته قانوني طريقو اختيار ڪري سيٽون واپس وٺنداسين. هن چيو ته ڪشمير سميت خطي جي صورتحال خراب آهي، اهڙي صورتحال ۾ ڪشمير ۾ شفاف چونڊون ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ صورتحال سڌارڻ لاءِ ٽرٿ ۽ ريڪنسيليشن ڪميشن جي تجويز ڏني، احتجاج  ڪندڙن کي روڪيو پر حڪومت تجويز تي جواب نه ڏنو. هن چيو ته ٽرٿ ۽ ريڪنسيليشن ڪميشن فيصلو ڪري ته ايڪشن ڪميٽي تي بندش صحيح هئي يا غلط، هن چيو ته وفاقي وزيرن ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ جي موجودگي ۾ چونڊ مهم ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي آهن.

You might also like