اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن جي تازي چونڊ فهرستن موجب ملڪ ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جي انگ ۾ نمايان گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
اليڪشن ڪميشن موجب 7 مئي کان 2 جولاءِ 2026ع تائين نادرا کان مليل ڊيٽا جي بنياد تي چونڊ فهرستن کي اپڊيٽ ڪيو ويو، جنهن دوران ملڪ ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ 5 لک 89 هزار 458 گهٽجي ويو.
ان عرصي دوران نادرا جي رڪارڊ موجب، فوت ٿيل 14 لک 84 هزار 382 ماڻهن جا نالا چونڊ فهرستن مان خارج ڪيا ويا، جڏهن ته 8 لک 94 هزار 924 نون اهل ووٽرن کي فهرستن ۾ شامل ڪيو ويو.
تازين انگن اکرن موجب، ملڪ ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو ڪُل انگ لڳ ڀڳ 13 ڪروڙ 71 لک مان گهٽجي 13 ڪروڙ 65 لک 74 هزار 399 رهجي ويو.
مرد ووٽرن جي انگ ۾ 4 لک 50 هزار، جڏهن ته عورت ووٽرن جي انگ ۾ هڪ لک 38 هزار جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.
صوبائي انگن اکرن موجب، سڀ کان وڌيڪ گهٽتائي پنجاب ۾ ٿي، جتي رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ 4 لک 78 هزار 909 گهٽيو، جڏهن ته سنڌ ۾ به 97 هزار 216 ووٽر گهٽجي ويا.
اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب، چونڊ فهرستون اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 25 تحت نادرا کان حاصل ٿيندڙ ڊيٽا جي بنياد تي لاڳيتو اپڊيٽ ڪيون وڃن ٿيون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته هر ووٽر جي داخلا قومي سڃاڻپ ڪارڊ سان ڳنڍيل هجڻ سبب چونڊ فهرستن ۾ هڪ ئي ووٽر جي ٻيهر داخلا جو امڪان نه هوندو آهي.
ذريعن موجب، چونڊ فهرستن جي باظابطا نظرثاني جو مقصد رڳو اهل ووٽرن جو درست ۽ شفاف رڪارڊ برقرار رکڻ آهي، جيئن چونڊ عمل جي ساک وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي.
You might also like