حيدرآباد ۾ انقلابي گيتن جي گونجار، هتان جا ماڻهو به ڀارتين وانگر سجاڳ آهن

حيدرآباد/نواب شاهه ( رپورٽر/ ڊر) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي آفيس سامھون ٿڌي سڙڪ تي نوجوانن جي احتجاجي ڪيمپ ۾ يڪجھتي ڪندي ڪالهھ پنجين ڏينھن به سوين  اديبن وڪيلن ، سول سوسائٽيءَ جي نمائندن شرڪت ڪئي.  رات جو ان وقت جڏھن شھر جا روڊ ۽ رستا ويران ھئا شھر جي مک رستن تي سانت ھئي ڪيمپ تي نوجوانن انقلابي گيت ڳائي ھڪ ٻئي سان اڻٿڪ جدوجھد جو وچن ڪيو. ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر نوجوانن سان يڪجھتي طور پھچي سندن حمايت ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي ھن چيو ته ھي نوجوان ھن نظام خلاف آھن ھي اھو نظام آھي جنھن ۾ معصوم ٻار اغوا ٿي رھيا آھن ۽ سنڌ جو پاڻي چوري ٿي رھيو آھي، ھو سنڌ کي ريگستان بنائڻ گھرن ٿا اسين ان نظام کي نه ٿا مڃون. ھن چيو ته ڪير ٿو چوي ته پاڪستان جا نوجوان ننڊ ۾ ستل آھن انڊيا جيان اسان جا نوجوان به سجاڳ آھن ،اسان جا نوجوان ملڪ سان مخلص آھن ۽ رڳو پنھنجا حق گھري رھيا آھن. ھن حڪمران جي خيال کي رد ڪندي چيو ته ھو چون ٿا ته احتجاج ڪندڙ ملڪ سان وفادار ناھن آئون چوان ٿو ته اسان جا نوجوان پاڪستان سان وفادار آھن ، تڏھن ئي ھو ايس پي ايس سي وارو چٽا ڀيٽي جو امتحان ڏئي ھن ملڪ لاءِ ڪجھ ڪرڻ گھرن ٿاھي احتجاج ملڪ خلاف  ناھي ،اسان ھي احتجاج انڪري ڪري رھيا آھيون ته جيئن ملڪ کي بھتر ڪرڻ لاءِ اسان کي موقعو ملي سگھي. ھن چيو ته ھن احتجاجي ڪيمپ تي پروفيشنل، پروفيسر،استاد ويٺل آھن. آئون ھنن جي حمايت ڪيان ھو ھن نظام کان تنگ ٿي احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿيا آھن .ھن چيو ته چيو ته آئون نوجوانن جي انھن مطالبن جي حمايت ڪيان ٿو ته امتحاني نتيجا رد ڪيا وڃن ۽ چيئرمين کي استعيفيٰ ڏيڻ گھرجي. احتجاجي ڪيمپ تي ايڊووڪيٽ وھاب منشي سميت ترقي پسند ۽ قوم پرست اڳواڻن جو وڏو انگ پھتو. ايس. پي. ايس. سي جي ميرٽ جي لتاڙ خلاف  پنجن ڏينھن کان حيدرآباد ۾ احتجاجي ڌرڻو جاري آھي ۽ ھي تحريڪ ھاڻ سنڌ جي ٻين شھرن ۾ شروع ٿين طرف وڃي رھي آھي  خميس جي ڏينھن ڏھين وڳي ايڇ.ايم خواجہ لائبريري کان پريس ڪلب نوابشاھ تائين ھڪ پر امن احتجاج جو سڏ ڏنو ويو  آھي.ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن زبيع الله، فخرالزمان کوھارو، سڪي لڌو چانڊيو، حنيف جوکيو، ڊاڪٽر طارق سھتو ، فرمان علي ملغاڻي سان سڄي سنڌ جا نوجوان رابطي ۾ آھن.سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر سيد زين شاهه، ايڪشن ڪميٽي ۾ شامل مختلف سياسي جماعتن جي اڳواڻن سان گڏ، اڄ منجهند 2:00 وڳي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي متاثر اميدوارن جي احتجاجي ڪيمپ تي پهچي نوجوانن سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪندو.پارٽي اڳواڻ آفتاب خانزادي موجب سيد زين شاهه سان مرڪزي قيادت به گڏ ھوندي.

You might also like