احتجاج ڪرڻ تي ماهه رنگ بلوچ ۽ علي وزير کي بدلي ۾ ڇا مليو

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)ڀارت ۾ نوجوانن جي احتجاج ۽ تعليم واري وزير جي استعيفيٰ کانپوءِ پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا تي جتي اهو سوال پڇيو پيو وڃي ته پاڪستاني شاگرد سريلنڪا، بنگلاديش، نيپال يا ڀارت وانگر احتجاج ذريعي تبديلي ڇو نٿا آڻي سگهن، اتي هڪ پراڻي وڊيو ٻيهر سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهي آهي.هن وڊيو ۾ ڪجهه نوجوان هڪ وڏي ميڙ جي سامهون مشهور ڀارتي شاعر بسمل عظيم آبادي جا شعر ڍول جي ڌن تي وڏي جذبي سان پڙهي رهيا آهن:سرفروشي جي تمنا هاڻي اسان جي دل ۾ آهي،ڏسڻو آهي قاتل جي ٻانهن ۾ ڪيتري طاقت آهي.ان کان پوءِ اهي نوجوان نعرو هڻن ٿا ”جڏهن لال لال لهرائيندو، تڏهن هوش ٺڪاڻي ايندو.“هي وڊيو سال 2019ع جي آهي. نوجوانن لاهور ۾ مشهور انقلابي شاعر فيض احمد فيض جي ياد ۾ منعقد ٿيل هڪ تقريب دوران اهي شعر پڙهيا هئا ۽ شاگرد يونين تي لڳل پابنديون ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو.ست سالن کانپوءِ، ڀارت ۾ ٿيندڙ شاگردن جي احتجاج جي پسمنظر ۾ اها ئي وڊيو ٻيهر سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي پئي وڃي.اڳوڻي بيوروڪريٽ، ڪالم نگار ۽ يوٽيوب ڪندڙ اوريا مقبول جان 2019ع واري وڊيو شيئر ڪندي سوال ڪيو ته پاڻ کي ڪميونسٽ چوڻ وارا اهي نوجوان اڄ ڪٿي گم آهن؟“ست سال پراڻي وڊيو ۾ نعرا لڳرائيندڙ عورت عروج اورنگزيب آهي. هاڻي هن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ وڊيو جاري ڪري انهن اعتراضن جو جواب ڏنو آهي.هن چيو ته جڏهن هنن شاگرد يونين تي پابندي خلاف احتجاج ڪيو هو ۽ سندس ساٿين خلاف ”غداري جا ڪيس به داخل ڪيا ويا هئا“، تڏهن اها تحريڪ نظر نه آئي، پر ڀارت جي تحريڪ ۾ ماڻهو سرحد پار ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا.عروج اورنگزيب چيو ته گم ٿيل ماڻهن خلاف احتجاج ڪندڙ ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ کي بدلي ۾ ڇا مليو؟ عمر قيد. ڏکڻ وزيرستان سان تعلق رکندڙ اڳوڻي اسيمبلي ميمبر علي وزير جڏهن رياست ۽ طالبان طرفان ٿيندڙ تشدد تي ڳالهايو ته کيس ڇا مليو؟ جيل. هن وڌيڪ چيو ته آزاد ڪشمير ۾ به 6 جون کان احتجاج جاري آهي، جتي چونڊن ۾ منصفاڻي نمائندگي جو مطالبو ڪيو پيو وڃي، پر احتجاج ڪندڙ تنظيم تي به پابندي لڳائي وئي آهي.عروج اورنگزيب چيو ته ڀارت ۾ جيڪو ٿي رهيو آهي، ان ۾ ته اوهان کي تمام گهڻي دلچسپي آهي، پر پنهنجي ملڪ ۾ جيڪو هلي رهيو آهي، اهو به ڪڏهن ڏسي وٺو.“هن شڪايت ڪندي چيوته ڀارت وارا ته استعيفيٰ تائين وٺي ڇڏين ٿا، پر پاڪستان ۾ جڏهن اهڙي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ته پابنديون لڳن ٿيون، عمر قيدون ٿين ٿيون، ماڻهو کنڀيا وڃن ٿا.“

You might also like