لاهور(امداد سومرو)مظفرآباد ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو باغياڻي تقرير ڪئي آهي هو ن ليگ کي وڌيڪ سيٽون ملڻ تي ڪاوڙيل نظر آيو،،هن چيو ته آزاد ڪشمير ڪڏهن به والاريل ڪشمير نه بڻجڻ ڏينداسين. هن رياست جي پاليسي سازن کي مخاطب ڪندي چيو ته اکيون کوليو، قومي مفاد جي نالي تي پاڪستان سان ڇا ڪيو ويو؟ قومي مفاد جي نالي تي ڪشمير سان ڇا ڪري رهيا آهيو؟ جڏهن ته هڪ دليل پيپلز پارٽي طرفان هميشه ڏنو ويندو /ڏسو صفحو 7 ڪالم 3
رهيو آهي ته جيڪڏهن اسان 2024ع جي چونڊن کان پوءِ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ٺاهڻ ۾ ساٿ نه ڏيون ها ته ملڪ ٻيهر چونڊن ڏانهن وڃي ها، جيڪو ملڪ لاءِ نقصانڪار ٿي سگهي پيو.اسان سوچيو ته پارليامينٽ ٺهي وڃي، باقي فيصلا پارليامينٽ اندر ٿيندا.پر سوال اهو آهي ته ڇا سمورا فيصلا پارليامينٽ اندر ٿي رهيا آهن؟جيڪڏهن اوهان وسيلن جي ڳالهه ڪريو ٿا ته اوهان چئو ٿا ته صوبن کان وسيلا کسڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي.جيڪڏهن اوهان جي مرضي موجب فيصلا نٿا ٿين ته پوءِ اوهان حڪومت جو حصو ڇو آهيو؟هاڻي آزاد ڪشمير ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، ان تي اوهان جيڪو موقف اختيار ڪيو آهي، ان کان پوءِ سوال ته اٿندا ته اوهان جنهن نظام جو حصو آهيو، انهيءَ نظام تي ئي سوال ڇو اٿاري رهيا آهيو؟بلاول کان اهو به سوال ڪيو ويندو ته جيڪڏهن اوهان کي لڳي ٿو ته رياست يا پاليسي ساز صرف مسلم ليگ (ن) جي مفاد ۾ فيصلا ڪري رهيا آهن، اوهان کي ڪراچي-حيدرآباد موٽر وي نٿي ملي، اوهان کي سکر-حيدرآباد موٽر وي نٿي ملي، جڏهن ته پنجاب ۾ مسلم ليگ (ن) جي ووٽ بئنڪ وڌائڻ لاءِ منصوبا ٺهن ٿا، ته پوءِ اوهان اڃا تائين انهيءَ اتحاد جو حصو ڇو آهيو؟اوهان ٻين پاليسين جو به ذڪر ڪري سگهو ٿا، جهڙوڪ نجڪاري ۽ ٻيا معاملا، جن تي اوهان جا اختلاف آهن.ڀلي بلاول ڀٽو زرداري اعلان بغاوت ڪيو هجي، پر سوال اهو آهي ته ڇا اهو اعلان بغاوت رڳو بيانن تائين محدود رهندو يا اوهان واقعي حڪومتي اتحاد مان ٻاهر نڪري اپوزيشن بينچن تي ويهندا؟جيڪڏهن اوهان اپوزيشن ۾ وڃي ويهندا ته شايد حڪومت کي به احساس ٿيندو ۽ پاليسي سازن کي به سوچڻو پوندو.يا وري ائين ٿيندو ته ڪجهه ماڻهو چوندا ته:ويهي ڳالهيون ڪري وٺون، ٻيهر معاملو حل ڪريون.“۽ پوءِ اوهان ٻيهر واپس اتحاد ۾ شامل ٿي ويندا.پوءِ به سوال پنهنجي جاءِ تي موجود رهندا.ماڻهو سوال ڪري رهيا آهن جيڪڏهن آزاد ڪشمير جي ميرپور ڊويزن جون سموريون سيٽون پيپلز پارٽي کٽي وڃي ها ته ڇا پوءِ اهي پاليسيون صحيح سمجهيون وڃن ها؟سوال اهو به آهي ته جيڪڏهن نتيجا اوهان جي حق ۾ اچن ها ته ڇا ساڳيو عمل اوهان کي قبول هجي ها؟اوهان چئو ٿا ته رياستي ادارن جا فيصلا غلط آهن، پر ساڳئي وقت حڪومت جي اتحادي بينچن تي به ويٺا آهيو.ماڻهو اوهان کان سوال ضرور ڪندا. ان ڳالهه کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگهي ته پيپلز پارٽي جي تاريخ ۾ وڏيون قربانيون شامل آهن.بلاول ڀٽو کي شهيدن جو درد آهي، پر سوال اهو به آهي ته جيئن شهيدن جا خاندان پنهنجي پيارن جي جدائي جو درد برداشت ڪن ٿا، تيئن جيڪڏهن سيڪيورٽي فورسز جا جوان شهيد ٿين ٿا يا عام نوجوان مارجي وڃن ٿا، انهن جي خاندانن جي تڪليف کي به سمجهڻو پوندو.جيڪڏهن اوهان واقعي مسئلو حل ڪرڻ چاهيو ٿا ته اوهان کي اڄ جهڙي مضبوط ڪوشش شايد هڪ مهينو اڳ ڪرڻ گهرجي ها.شايد پوءِ صورتحال مختلف هجي ها.