پاڪستان ۾ سون سوين رپيا سستو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه اڄ سوين رپيا لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولو سون 1800 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 32 هزار 36 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون 1543 رپيا گهٽتائي کانپوءِ 3 لک 70 هزار 401 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون 18 ڊالر لاٿ کانپوءِ 4096 ڊالر جو ٿي ويو آهي.

You might also like