ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سڌ سماءُ واري وزير وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ مسلم ليگ (ن) ظابطن جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي وڏي مارجن سان چونڊون کٽيندي.
سنڌ ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته گورنر هائوس ۽ وزيراعليٰ هائوس جي عملي جي هيلٿ انشورنس ۾ وڌيڪ 6 مهينن جي واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته گريڊ 1 کان 16 تائين سرڪاري ملازمن جو سفري الائونس پڻ وڌايو ويو آهي.
هن چيو ته برساتن سبب پنجاب جي شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ صورتحال خراب آهي، پنجاب ۾ 17 ۽ خيبرپختونخوا ۾ 20 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، پر حيرت جي ڳالهه آهي ته ميڊيا ان معاملي تي چُپ آهي.
شرجيل ميمڻ چيو ته مسلم ليگ (ن) جي وفاقي ۽ پنجاب حڪومت مري ۽ آزاد ڪشمير ۾ چونڊ مهم هلائي رهي آهي، جيڪا ظابطن جي ڀڃڪڙي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته جعلي مينڊيٽ وسيلي اقتدار ۾ اچڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي، پيپلز پارٽي حقيقي عوامي مينڊيٽ سان حڪومت ڪري رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت جي اتحادي ناهي، رڳو جمهوريت جي استحڪام لاءِ حڪومت جي حمايت ڪئي هئي، اهڙي ئي آڇ پي ٽي آءِ کي به ڪئي وئي هئي.
شرجيل ميمڻ چيو ته پنجاب ۾ ضلعي سطح تي به موٽر ويز ٺهي رهيون آهن، جڏهن ته سنڌ ۾ جائز موٽر ويز جا منصوبا به نظرانداز ڪيا پيا وڃن.
پنجاب ۾ موٽر ويز جو ڄار وڇايو ويو، سنڌ جائز موٽر ويز کان به محروم آهي: شرجيل ميمڻ
Prev Post
You might also like