اسان جا نوجوان ڀارت جي روشن مستقبل لاءِ وڙهي رهيا آهن“ سلمان، عاليا ۽ ٻين فنڪارن شاگردن جي حمايت ڪري ڇڏي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ تعليمي نظام ۾ سڌارن ۽ امتحاني پيپر ليڪ ٿيڻ خلاف جاري شاگردن جي احتجاج جي حمايت ڪندڙ بالي ووڊ شخصيتن جو انگ وڌندو پيو وڃي، سلمان خان ۽ عاليه ڀٽ سميت ڪيئي فنڪارن شاگردن جي حق ۾ آواز بلند ڪيو آهي.
سلمان خان ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته اهو ڏسي خوشي ٿي رهي آهي ته ملڪ جا شاگرد بهتر تعليمي نظام لاءِ گڏ ٿيا آهن ۽ سندن والدين به ساڻن ڀرپور سهڪار ڪري رهيا آهن.
هن افسوس ڪندي چيو ته پرامن تحريڪ جو پرتشدد رخ اختيار ڪرڻ ڏکوئيندڙ آهي ۽ زخمي شاگردن ۽ سندن خاندانن سان همدردي آهي.
عاليه ڀٽ انسٽاگرام تي لکيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن جا واقعا دل ٽوڙيندڙ آهن، پر شاگردن جي همت، اتساهه ۽ عزم اميد پيدا ڪئي آهي. هن چيو ته شاگرد نه رڳو پنهنجي حقن، پر ايندڙ نسلن جي بهتر مستقبل لاءِ به جاکوڙي رهيا آهن.
واضح رهي ته نئين دهلي جي جنتر منتر تي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا ۽ امتحاني نظام ۾ مبينا بي ضابطگين خلاف احتجاج ٽن هفتن کان جاري آهي.
20 جولاءِ تي پارليامينٽ ڏانهن مارچ دوران پوليس جي لٺبازي ۽ شيلنگ کانپوءِ احتجاج ملڪ جي ٻين علائقن تائين به پکڙجي ويو.
ٻئي پاسي ان معاملي ڀارتي فلم انڊسٽري(بالي ووڊ) ورهايل نظر اچي رهي آهي، جتي نصيرالدين شاهه، پرڪاش راج، شبانه اعظمي، سوارا ڀاسڪر، سونو سود، سوناڪشي سنها، رتيش ۽ جئنيليا ديشمُک سميت ڪيترن فنڪارن شاگردن جي حمايت ڪئي آهي، اتي ئي ڪنگنا رناوت، انوپم کير ۽ پريتي زنٽا تي حڪومتي حمايت يا محتاط موقف سبب تنقيد ٿي رهي.
هوڏانهن وزيراعظم نريندر مودي پيپر ليڪ ۾ ملوث ماڻهن خلاف ترت ڪارروائي لاءِ فاسٽ ٽريڪ عدالتون قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته نوجوانن جي مستقبل سان کيڏندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ نه بخشيو ويندو.

You might also like